ڄامشورو ۾ ڪورٽ ٻاهران نوجوان پوليس هٿان کنڀجي ويو

ڪوٽڙي (ن س)ڄامشورو ڳوٺ سائين ڏنو ملاح واسي نوجوان مرتضيٰ ملاح ڄامشورو سينشن ڪورٽ ۾ حاضري تي آيل هو جيئن نڪتو ته کيس پوليس کنڀي ورتو نوجوان جي امڙ شهزادي، مسمات مهراڻ، حاڪم زادي، ڄامشورو پريس ڪلب ٻاهران اڀ ڏاريندڙ دانهون، احتجاج سندن چوڻ هو ته مهاڻا آهيون مڇي ماري گذر سفر ڪندا آهيون پوليس مسلسل تنگ ڪندي رهي ٿي نوجوان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا ان جي حاضري لاءِ ڪورٽ سڳوري آياسين ته سوسائٽي انچارج شفيع محمد شاھ ۽ حيدرآباد پوليس نوجوان مٿان بي انتها تشدد ڪري کيس کنڀيو ويو ان دوران اسان عورتن مٿان پڻ تشدد ڪيو ويو. هنن چيو ته خدشو آهي ته نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو نه وڃي هنن چيو مڇي مارڻ عيوض پوليس کي رشوت نه ڏيڻ سبب پوليس اسان جي دشمن بڻجي وئي آهي جيڪڏهن نوجوان کي ڪجھ به يا کيس فوري طور آزاد نه ڪيو ويو ته ذميوار شفيع محمد ۽ ڄامشورو پوليس هوندي ۽ اسين پاڻ کي سرعام باھ ڏيئي ڇڏينديون سين هنن اعلي اختيارين آء جي سنڌ، ڏي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو، ۽ ٻين کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں