ڏوڪري(ن س) هاءِ اسڪول ڏوڪري ۾ ڪوئيز ڪامپيٽيشن ۽ تقريري مقابلا ٿي گذريا. جنهن ۾ ڇهين درجي کان وٺي اٺين درجي جي شاگردن حصو ورتو. علي رحمان ذيشان. شعيب علي احمد احمد علي ڪاظم رحمان رحمت سهڙو ۽ ٻين شاگردن تقريرون ڪيون ۽ سوال جوابن ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي استادن عبدالغفور زهراڻي سيد افتخار علي شاهه. سونو خان جکرو اقبال احمد جوڻيجو اعجاز سوهو ۽ٻين شاگردن کان سوال ڪيا. آخر ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪري جي هيڊ ماستر نثار احمد سولنگي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ انعام تقسيم ڪيا. جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هيڊ ماستر نثار احمد سولنگي چيو ته ها۽ اسڪول ڏوڪري ۾ تعليم جو معيار بهترين اهي جيڪو صبح سوير کان منجهند تائين جاري آهي تعليم جي ماهر استادن جي نگراني ۾ اسڪول هلي رهيو آهي ۽ شاگرد پوزيشن کڻي پاس ٿيڻ ٿا. هن اسڪول جا پاس ٿيل شاگرد وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن.
