ڪنڊيارو (ن س) سنڌيوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سوين ماڻهن برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ سميت شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف شهر جي سٽي اسٽار چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد پ پ پ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه جي بنگلي آڏو ڌرڻو هنيو، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو ايم پي اي جي گهر جي مين گيٽ اڳيان توا ٽنگي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته شهر مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، روڊ رستا کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، هر هنڌ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، شاگرد لائبريري جي سهولت کان محروم آهن، هزارين برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڪا واهر ناهي ٿي، متاثر خاندان ٿڌ ۾ بي حال آهن ۽ بکن ۾ پاهه آهن، متاثرن ۽ ترقي لاءِ آيل ڪروڙين رپين جا فنڊ پ پ جي ڪرپٽ نمائندن ۽ ڪامورن گڏجي هڙپ ڪيا آهن، هن چيو ته ڪنڊيارو کان شروعات ڪئي آهي، سڄي سنڌ۾ عوام دشمن ۽ ڪرپٽ نمائندن جو گهيراءَ ڪري سندن گهرن درن تي توا ٽنگيا ويندا، هن مطالبو ڪيو ته برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي جلد واهر ڪري ڪنڊيارو شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي تيز ڪيو ويندو. ڌرڻي کي حمز علي چانڊيو, نجيب مڱريو رفيق گهانگهرو مختيار رند ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
