ڪنڌڪوٽ جي گرڊ اسٽيشن ۾ باهه لڳي وئي، فورمين سڙي زخمي، ڳڻتيءَ جڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:گل محمد کوسو) ڪنڌڪوٽ جي گرڊ اسٽيشن ۾ باه لڳي وئي باهه لڳڻ سبب فورمين حبيب الرحمان سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارثن پهريان ڪنڌڪوٽ جي اسپتال آندو جتان ڊاڪٽرن کين حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي جنهن بعد وارثن گمبٽ اسپتال ۽ ان بعد کين ڪراچي منتقل ڪيو ويو جتي زخمي واپڊا ملازم فورمين حبيب الرحمان نوناري جو علاج هلندڙ آهي.ان معاملي تي واپڊا عملدار اصغر علي بجاراڻي جو چوڻ هو ته گرڊ اسٽيشن تي مرمتي ڪم هلي رهيو هو ته گرڊ اسٽيشن تي ٽرالي فيلشنگ دوران باه لڳي جنهن سبب واپڊا ملازم فورمين حبيب الرحمان نوناري سخت زخمي ٿي پيو ۽ ٻيا ملازم نظام کوسو ۽ ميرخان چاچڙ معمولي زخمي ٿيا جن کي ڪنڌڪوٽ اسپتال مان طبي علاج بعد فارغ ڪيو ويو.هوڏانهن ڪنڌڪوٽ جي ڊاڪٽرن کان معلومات وٺڻ تي هنن ٻڌايو ته واپڊا ملازم حبيب الرحمان نوناري جي حالت خراب آهي کين جسم جو ڪافي حصو سڙيو آهي.. گرڊ اسٽيشن تي باهه لڳڻ واري معاملي ٻيو رخ اختيار ڪري ورتو گرڊ اسٽيشن تي باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيندڙ واپڊا ملازم حبيب الرحمان نوناري جي وارثن احسان نوناري ميڊيا سان رابطو ڪندي ٻڌايو ته گرڊ اسٽيشن تي باهه لڳي ته ان دوران حبيب الرحمان نظام کوسو موجود هئا جيڪي ان وقت زخمي ٿيا هن چيو ته باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيندڙ حبيب الرحمان جو جسم ڪافي حصو سڙي چڪو آهي اتي ايس ڊي او موجود نه هو. گرڊ اسٽيشن جي ايس ڊي او حاڪم بهلڪاڻي جي وارثن گلزار احمد بهلڪاڻي سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ تي هن ٻڌايو ته گرڊ اسٽيشن تي باه لڳڻ سبب گرڊ اسٽيشن جو ايس ڊي او حاڪم بهلڪاڻي به سڙي معمولي زخمي ٿيو آهي جيڪو پڻ متاثر آهي جڏهن ته گرڊ اسٽيشن جي ايس ڊي او حاڪم بهلڪاڻي سان بار بار رابطو ڪرڻ تي هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي ۽ اهڙي معاملي تي هن آگاه نه ڪيو. گرڊ اسٽيشن تي باه لڳڻ بعد ڪنڌڪوٽ شهر جي بجلي بند رهي جنهن سبب ڪاروباري ماڻهو ۽ گهريلو صارفين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏنو ۽ رات دير تائين بجلي بحال نه ٿي سگهي. گرڊ اسٽيشن تي باه لڳڻ واري معاملي تي گرڊ اسٽيشن ڪنڌڪوٽ ۾ واپڊا عملدار انڪوائري ٽيم پهچي وئي ۽ گرڊ اسٽيشن تي باه لڳڻ واري جاءِ جو معائنو ڪيو ۽ پڻ ذريعن کان معلومات ملي ته گرڊ اسٽيشن جي ايس ڊي او حاڪم بهلڪاڻي کان واقعي جا تفصيل ورتا ۽ ٻين واپڊا عملدارن کان معلومات پڻ ورتي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں