حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي رھائشگاھ پهچي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي صورتحال تي اهم ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي وحدت تي وار برداشت نہ ڪيو ويندو. سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آهي. ان ڪري نفرت جي سياست بدران ملڪ کي برابري، اتحاد ۽ ڀائيچاري سان اڳتي وٺي وڃڻ گهرجي۔ سنڌ ھزارين سالن کان ھڪ ھئي، ھڪ آھي ۽ ھڪ رھندي. سنڌ مان سمورن غير قانوني افغانين ۽ ٻين پرڏيھين کي واپس پنھنجي وطن موڪليو وڃي. ڪراچي ۾ لکين غير قانوني پرڏيھي ملڪ جي سالميت، امن لاءِ خطرو آھن. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ مڇر ڪالوني واقعو قانون ۽ انسانيت جي توهين آهي، جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ موجوده معاشي ۽ سياسي بحران جي دور ۾ مسئلن کي مفاهمت ذريعي حل ڪرڻ گهرجن. سنڌ اڃا بہ ٻڏي رهي آهي، گورنر سنڌ پاڻي صاف ڪڍرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. سنڌ ۾ شفاف بلدياتي چونڊون فورن ڪرايون وڃن. اياز لطيف پليجي گورنر ڪامران ٽسوري کي چيو تہ اوھان وفاق ۽ نادرا سان ڳالهيون ڪري سنڌ ۾ غير قانوني شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل جو جاري ٿيڻ بند ڪرايو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻي جي قدرتي لنگھن تي تعميرات کي ختم ڪيو وڃي. ٻوڏ متاثر ٻار بک ۾ بيمار ٿي پيا آهن، ماڻهو مليريا ۽ ڊينگي سبب مري رهيا آهن. سنڌ ۾ صحت، زراعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي وئي آهي، زرعي پيڪيج ڏنو وڃي. وفاق پاڻي، گئس، بجلي، روزگار ۽ وسيلن جي حوالي سان سنڌ سان انصاف ڪري. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي شاگردن ۽ نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جو خاص پيڪيج ڏنو وڃي. سنڌ جي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي گرفتار ڪيو وڃي. گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته اسان جي ڪوشش آهي تہ سنڌ کي امن، انصاف ۽ رواداري جو مرڪز بڻايون. معيشت جي بهتري ۽ سنڌ ۽ ملڪ کي خوشحال بڻائڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ منهنجي ترجيح آهي. ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ جلد سنڌ ۽ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪندس. گورنر ڪامران ٽسوري چيو تہ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان ايندڙ برساتن ۽ ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا. سنڌ جا شاگرد تعليم تي ڌيان ڏين، ترقي جو اهو ئي هڪ طريقو آهي. ڪامران ٽسوري چيو تہ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ مضبوط ڪردار ادا ڪيو ويندو. اسان جي سمورن مسئلن جو حل منصفاڻي، شفاف ۽ جمهوري وفاق ۾ آهي.
