بدين(ڊ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽيء جي مان ۾ آجياڻو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪن امان صابل نوحاڻي جي پهرين ورسيء جو پروگرام گولاڙچي لڳ ڳوٺ جاکرو نوحاڻي ۾ ملهايو ويو جنهن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، ڏاڏا قادر رانٽو اسماعيل خاصخيلي جاکرو نوحاڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زرقا هاليپوٽو هميرو مل مهراڻ درس غلام علي نوحاڻي سليمان هاليپوٽو نهال نوحاڻي محمد علي ٽالپر ڌڻي بخش نوحاڻي ڪامريڊ جمعون فاضل زئور شاعر مير محمد نظاماڻي نيتارام ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن حڪمرانن عالمي امداد هڙپ ڪرڻ لاء سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙائي تباهي ۽ بربادي برپا ڪئي،پاڻي جي قدرتي وهڪرن تي ڀوتارن هٿيار بند ويهاري قبضا ڪري هاڪڙي ۽ پراڻ جي پاڻي جا رستا بند ڪري ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، سوين ماڻهو زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا ۽ کربين روپين جو معاشي نقصان ٿيو، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، ان سڄي جاني، مالي نقصان جي ذميوار پ پ پ سرڪار، وزير، مشير، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ سندن جوڙيوال ڪامورا ۽ آفيسر شاهي آهي. ٻوڏ کي ڪافي مهينا گذري چڪا آهن پر هن وقت تائين ٻڏل علائقن مان پاڻي جي نيڪال جا ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا جنهن سبب اهي علائقا هن وقت به ٻڏل آهن، روڊ رستا بحال نه هئڻ ڪري عوام تمام گهڻي ڏکيائي کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ انتظامي نااهلي ڏسڻ وٽان آهي، مصيبت جي ماريل ماڻهن جي سهائتا ئي نه ڪئي وئي، ملندڙ امداد کي ڪرپشن وسيلي حڪمرانن ۽ ڪامورن پاڻ ۾ ناني ويڙهو ڪري ورهايو ويو آهي باقي ٻوڏ متاثر ماڻهن کي ڪجھ به ناهي مليو.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ساڳين حڪمرانن ڌارين کي اهڙيون ته سهولتون ڏنيون آهن جو اهي سنڌ ۾ دائمي رهاڪو جي دعويٰ ڪري ڌرتي ڌڻين سان بي واجبيون، ڏاڍايون ۽ عقوبتون ڪري رهيا آهن، روز ڌارين هٿان ديس واسي تترن جيان ماريا پيا وڃن، روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڌرتي ڌڻي جو لاش ملي رهيو آهي، پر مجال آهي جو ان معاملي جو سنڌ حڪومت ڪو نوٽيس وٺي. هنن چيو ته قبيلائي جهيڙا ڪرائڻ ۾ جاگيردارن ۽ سردارن جو سڌو هٿ آهي هن ظالم ۽ وحشي قبائلي نظام ويڙهن جا ويڙها ۽ پاڙن جا پاڙا ويران ڪري ڇڏيا آهن، اهڙي نظام جون پاڙون به وقت جي سرڪار پختيون ڪري ڇڏيون آهن. لاقانونيت هئڻ جي ڪري ڦورو، چور، ۽ ڌاڙيل آزاد گهمي رهيا آهن پر هيڻو ۽ ظلم جو شڪار ٿيل عوام وڏي مشڪل ۾ ڦاٿل آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ رسول بخش پليجي سنڌ جي هيٺئين طبقي جي عورتن کي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪيو جنهن ضيائي مارشلا خلاف جدوجهد ۾ شاندار مثال قائم ڪيو ۽ ان کانپوء سنڌ جي عورت سنڌو درياء جي بقاء جي جدوجهد ۾ بک هڙتالون مظاهرا ڌرڻا ۽ لانگ مارچون ڪري آمريتن توڙي سول آمريتن خلاف بيمثال جدوجهدون ڪيون سنڌ جي ڪنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري جو پيل ڳٽ ڪڍڻ لاء سنڌ جي عورت سنڌياڻي تحريڪ اڄ به ميدان عمل ۾ آهي ۽ ان ڪاروان ۾ ڪيترائي گمنام ڪردار پيدا ٿيا آهن جن قومي جدوجهد جي مختلف مورچن تي مختلف قسم جون اڻانگيون سرگرميون سرانجام ڏنيون آهن جن مان امان صابل نوحاڻي به هڪ آهي جنهن قومي جدوجهد ۾ پنهنجي پٽن جي گرفتارين ۽ جيلن ۾ وڃڻ جي باوجود به هن پارٽي ڪارڪنن ۽ گهر ڀاتين جي نه صرف پرگهور لڌي پر کين همٿايو ۽ ڀرجهلو ٿي رهي۔ اهڙيون مائرون ئي جنگ پٽن کي جنم ڏيئي ۽ سٺي تربيت ڪري بهادر ۽ ارڏا انسان ٺاهي قومي جدوجهدن کي وڏي سگھ ڏني ۔ ان کان اڳ ۾ عوامي تحريڪ جي سوين ڪارڪنن ريلي ڪڍي شهيد عوام فاضل راهو جي مزار ۽ امان صابل جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ سرخ سلام پيش ڪيو
