7 مهينن کان پوءِ منهنجا اسٽيبلشمينٽ سان رابطا بحال ٿيا آهن: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته 7 مهينن کان پوءِ منهنجا اسٽيبلشمينٽ سان رابطا بحال ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. لال حويلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي گهرو وزير چيو ته اڄ نئين صبح، نئين سياست، جوڊو ڪراٽو ختم، سمورين سياسي پارٽين آرمي چيف کي مون سميت مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته اڄ اسان 12 وڳي لال حويلي مان نڪرنداسين. مري روڊ وينداسين. هن دعويٰ ڪئي ته اپريل، مئي ۾ چونڊون شروع ٿينديون، ان کان سواءِ ڪو به ٻيو حل نه آهي جيڪڏهن ڪنهن وٽ حل آهي ته اهو سامهون آڻي. شيخ رشيد چيو ته عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي، اسحاق ڊار ناڪام ٿي ويو. راولپنڊي ۾ سياست جي نئين تاريخ رقم ٿيندي. عمران خان ڪالهه جو اعلان ڪيو ان تي عمل ٿيندو. آرمي قيادت جي تبديلي جي سڀني آجيان ڪئي آهي. جنرل باجوه به چيو ته معاشي حالتون سنگين آهن. عمران خان بهترين فيصلو ڪيو آهي. صدر عارف علوي به وقت تي بهترين فيصلو ڪيو. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته ڌرڻي ۽ جلسي جو فيصلو عمران خان جو هوندو، حڪومت مڪمل ناڪام ۽ غريب دشمن آهي. عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي، عمران خان عوام جي مدد سان ئي معاشي مسئلا حل ڪري سگهي ٿو. مارچ کان پوءِ اسان چونڊن جي تياري شروع ڪنداسين. 13 سياسي پارٽين جي قبر کوٽي ڇڏي آهي. امپورٽڊ حڪومت کي ڀڄڻ نه ڏينداسين. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته 7 مهينن کان منهنجو اسٽيبلشمينٽ سان رابطو ناهي ٿيو، هاڻ مان فعال ٿيڻ لڳو آهيان. عمران خان سان گڏ بيٺل آهن. فوج سياست کان پري ٿيندي پئي وڃي. 13 پارٽيون به پري ٿي رهيون آهن. نيب ڪيسز بحال ٿيندا. هنن سڀني کي ٻيهر جيل وڃڻو آهي. راولپنڊي عمران خان سان جبل وانگر بيٺل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں