نيويارڪ (خاص عيوضي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي چونڊن ۾ صدر جي عهدي لاءِ پئنل کانسواءِ بيٺل اميدوار احمد سلطان لغاري “روزاني سنڌ” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سانا کي سنڌين جي هڪ ماڊرن تنظيم بڻائڻ منهنجو هڪ خواب آهي ۽ ان خواب جي پورائيءَ لاءِ اميدوار ٿيو آهيان. احمد سلطان لغاري وڌيڪ ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان کي سکڻا نعرا هڻڻ، راڳ رنگ جون محفلون لڳائڻ کان اڳتي وڌڻو پوندو. سانا جهڙي هڪ اهم پليٽ فارم کي استعمال ڪري اسان پنهنجي نوجوانن کي جديد دنيا جي دور ۾ شامل ڪرڻ چاهيون ٿا. 37 سالن ۾ اسان جي بزرگ دوستن صرف هڪ ٻئي سان ويڙهه ۾ وڃائي ڇڏيا آهن، هاڻي وقت آهي ته ڪجهه اڳتي وڌون. جديد دور جي تقاضا آهي ته ميرٽ کي ترجيح ڏني وڃي. نوجوان قيادت اچي، ماڊرن طريقن سان سوسائٽي سان گڏ هلون، هن پئنل سسٽم جي مخالفت ڪندي چيو ته پئنل بازي ۾ هڪ ٻئي خلاف الزام تراشيون شروع کان ٿيون، اصل ۾ اسان جي سوچ وڏيرڪي بڻجي وئي آهي. سنڌ مان وڏيرڪي سوچ کڻي جڏهن آمريڪا اچون ٿا ته اسان پاڻ وڏيرا ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، اسان کي سوچ بدلائڻي پوندي. احمد سلطان لغاري وڌيڪ چيو ته دنيا ڊجيٽل دور ۾ داخل ٿيل آهي، ان ڪري اسان کي به پنهنجن ٻارن کي اها سوچ ڏيڻي پوندي، جيئن بهتر انسان ۽ سٺا سنڌي ثابت ٿي سگهن. تعليم اسان جو مکيه مقصد هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي سڀ کان پهرين اهو سوچڻ گهرجي ته اسان آمريڪا ڇو آيا آهيون. ظاهر آهي ان جو جواب اهو آهي ته وڌيڪ تعليم لاءِ آيا آهيون. هاڻي اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن اسان پنهنجي سوچ کي تبديل ڪنداسين. اسان جو نوجوان سانا کان پري آهي، ان کي ويجهو آڻڻ لاءِ مٿن اعتماد ڪرڻو پوندو. احمد سلطان لغاري وڌيڪ چيو ته سڀ کان پهرين نارٿ آمريڪا آيل ڪميونٽي جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيون، هتي ايندڙن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ اسان وٽ پروگرام هجڻ گهرجي. سانا جو آئين پراڻو ٿي چڪو آهي، ان کي وقت جي حساب سان تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ماڻهن جي پوليٽيڪل ايڊووڪيسي جو حمايتي آهيان. سنڌ جي ڏکن، تڪليفن جو ڪيس تڏهن ٻاهرين دنيا ۾ پيش ڪري سگهنداسين، جڏهن اسان پاڻ مضبوط هونداسين، جيڪڏهن اسان مضبوط نه ٿينداسين ته اسان ماڻهن جي خدمت نه ڪري سگهنداسين. هن چيو ته هر سال فنڪشن تي لکين ڊالر پاڪستاني 6 ڪروڙ خرچ ڪرڻ جي ضرورت انهي، هڪ سال جي بجاءِ ٻن سالن ۾ ڪنوينشن منعقد ڪرڻ گهرجي. گڏ ٿيندڙ پئسن سان سنڌ ۾ آءِ ٽي جو ادارو ٺاهڻ گهرجي، اها حقيقي خدمت ٿيندي. سلطان لغاري وڌيڪ ٻڌايو ته ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ ٻين ڪامياب ٿيندڙ عهديدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ خوشي ٿيندي. سمورا پڙهيل لکيل ماڻهو آهن، مان پنهنجو پيغام سانا جي سمورن ميمبرن تائين پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهيان. گذريل مهيني کان ساڻن رابطي ۾ آهيان. هن چيو ته مان سمورن ميمبرن کي اپيل ڪئي آهي ته پنهنجو قيمتي ووٽ ياري دوستيءَ ۾ نه ڏيو، پر اهو ووٽ ميرٽ تي ڏيو، جيئن بهتر قيادت اچي سگهي.
