نوابشاهه(ڊ ر) نياڻين جي تعليم جي اداري بينظير گرلز پبلڪ اسڪول نوابشاهه جو 39 ھون بورڊ آف گورنرس جو اجلاس بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ جي صدارت ھيٺ اسڪول جي ڪميٽي ھال ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ وائيس چانسلر شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي،وائيس چانسلر پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي ڊاڪٽر گلشن ميمڻ،تعليم کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري (اي ٽي) ڊاڪٽر فوزيہ، ايس اي ايجوڪيشن ورڪس اينڊ سروسز علي احمد قريشي،ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر قربان علي راھو،اسڪول جي پرنسپال عبدالمالڪ لکمير،پرنسپل گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پروفيسر لالا رخ بلوچ،پرنسپل گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پروفيسر نظام الدين زرداري،محمد اسلام خان زرداري سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شھريار گل ميمڻ چيو ته اجلاس منعقد ڪرڻ جو مقصد بينظير گرلز پبلڪ اسڪول ۾ زير تعليم نياڻين کي تعليم جون بھتر سھولتون فراهم ڪرڻ ۽ اسڪول جي مسئلن کي حل ڪرڻ آھي ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاران تعليم جي بھتري خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي تہ جئين تعليم جي معيار کي وڌيڪ بھتر بڻائي سگھجي ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپل عبدالمالڪ لکمير بورڊ آف گورنرس جي اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ھن اسڪول ۾ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ 6 درجي کان 12 درجي تائين 1762 کان وڌيڪ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن جن کي ٽرانسپورٽ سميت ٻيون سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن هن وڌيڪ ٻڌايو ته فيول سميت ٻين فنڊن جي کوٽ سبب ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان موقعي تي ڪميٽي ميمبرن اسڪول انتظاميه کي تعليمي سهولتن جي فراهمي لاءِ هرممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته انڊوومينٽ فنڊ جي لاءِ هڪ ليٽر اعلى اختيارين کي لکي انڊوومينٽ فنڊ جي رقم منظور ڪرائي ويندي ته جئين اسڪول ۾ تعليمي سرگرميون جاري رهي سگهن بعد ۾ ميمبرن پاران اسڪول جي مختلف ڪلاس رومز جو دورو ڪري جاري تعليمي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو.
