سجاول (ڊ ر) پيپلز پارٽي اقليتي ونگ ضلعي سجاول جي صدر ڊاڪٽر هريش ڪمار جي سالگرھ جي تقريب ڪيفي محمدي قاسمي جي سيمينار هال ۾ منعقد ڪئي وئي. سالگرھ جي تقريب ۾ پيپلز پارٽي سجاول جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت صحافين، شهرين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن ماڻهن شرڪت ڪئي. سالگرھ جي تقريب کي خطاب ڪندي شرڪت ڪندڙن چيو ته سياسي ورڪر جي حيثيت سان ڊاڪٽر هريش ڪمار اقليتي برادري جي حقن ۽ تحفظ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊاڪٽر هريش ڪمار جو جنم ڏينهن اسان سڀني لاءِ وڏي خوشي جو باعث آهي. ٻئي طرف منارٽي ونگ پيپلزپارٽي ضلعي سجاول جي صدر ڊاڪٽر هريش ڪمار سالگرھ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. تقريب جي پڄاڻي تي ڊاڪٽر هريش ڪمار جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ڊاڪٽر هريش ڪمار کي اجرڪ ۽ لنگين جا تحفا پيش ڪيا.
