سنڌ جا ثقافتي رنگ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ نکرڻ لڳا

ملير(ڊ.ر) سنڌي ميڊيا پاران 4 ڊسمبر تي اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جا ثقافتي رنگ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ نکرڻ لڳا آهن، سعودي عرب جي شهر مدينه منوره ۾ رهندڙ سنڌين جي سماجي تنظيم جي اڳواڻن ابو فارس ٻرڙو، احمد بليدي، محمد بليدي، ڪاڪو سنڌي، عبدالغفار بليدي،محمد بخش ، عامر بخش، ايمن بليدي، عبدلغني بليدي، فيصل مگسي، رفيق احمد ٻرڙو، بدرالدين ٻرڙو، عمران بليدي، شبير ٻرڙو ۽ ٻين پاران ثفاقتي ڏهاڙي جي آجيان لاءِ سيرين بينڪوئيٽ ۾ رنگا رنگ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، ثقافتي تقريب ۾ شريڪ ماڻهن اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي سنڌي گيتن تي جهمريون هڻي پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو،ان موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو جڏهن ته تقريب ۾ شريڪ سنڌين پاران هڪ ٻئي کي مٺائي کارائي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سياسي سماجي اڳواڻن ابو فارس ٻرڙو، احمد بليدي ۽ ٻين چيو ته اسين سنڌي ميڊيا جا شڪر گذار آهيون جنهن اسان سڀني سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي ثقافتي ڏهاڙي جي ڪري سعودي عرب جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ سنڌي ان ڏينهن تي گڏ ٿيندا آهيون هڪ ٻئي سان ڪچهري جو موقعو ملي ٿو ۽ پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ پنهنجي نوجوان نسل کي ثقافت بابت ڄاڻ ڏيندا آهيون اسان جا ٻار توڙي سمورا گهر ڀاتي ثقافتي ڏهاڙي کي خوشي سان ملهائيندا آهيون ان کان اڳ اسين سالن ۾ به هڪ هنڌ گڏ نه ٿيندا هئاسين ثقافتي ڏهاڙي جي ڪري اسان کي هڪ هنڌ گڏجڻ جو ۽ پنهنجي ثقافت سان محبت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي،هنن چيو ته اسين هر سال سعودي عرب ۾ سڀئي سنڌي گڏجي ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهائيندا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں