دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) سنڌ يونيورسٽي محترمه شھيد بينظير ڀٽو ڪيمپس دادو ۾ پاڪستان آرمي سان اظھار يڪجھتي عنوان ھيٺ تقريب ٿي گذري، تقريب ۾ خصوصي مھمان پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر غلام سرور ڳچل شرڪت ڪئي، جڏھن ته ڊاڪٽر محمد سليمان ميمڻ، ڊاڪٽر محمد آصف چنه، اطھر شر، امجد لاشاري، عدنان مگسي، جبار ملاح، سنڌيار، نانا حاتم سميت اسٽاف جي ميمبرن مھران نبي چانڊيو، عبدالقادر پنھور ارشد چنه سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي، جڏھن ته تقريب ۾ افواج پاڪستان جي لازوال قربانين تي خراج تحسين پيش ڪئي وئي ان دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريب ۾ خطاب ڪري پاڪ آرامي جي ڪاوشن جي ساراھ ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر غلام سرور ڳچل چيو ته الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان اڄ پاڪستان فوج مضبوط آھي جنھن تي فخر آھي، ملڪي دفاع لاءِ پاڪستان آرمي جون صلاحيتون قابل تعريف آھن، اسان جو ملڪ ايٽمي طاقت رکي ٿو اسان جي فوج وڌيڪ متحرڪ آھي، برساتون ھجن يا ٻوڏ يا ھر قسم جون آفتون جڏھن به ملڪ کي تڪليفون آيون آھن ته پاڪ فوج پنھنجو فرض بخوبي انجام ڏنو آھي پوري قوم حب الوطني جي جزبي سان سرشاب آھي ، وطن جي محبت اسان جي نسلن ۾ ھاڻ اڳ کان وڌيڪ آھي ، اھل علم نوجوانن کي پاڪستان آرمي تي فخر آھي ھر شھري پاڪستان آرمي سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھر قدم تي گڏ آھي.
