عمرڪوٽ ۾ اوڏ برادري جو گهرن ۽ زمين تي مبينه قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ(ڊ ر ) عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڳوٺ کاروڙو جي رھواسي اوڏ برادري جي عورتن ٻارڙن ۽ مردن طرفان گھرن ۽ زرعي زمين تي مبينه قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو احتجاج دوران مظاھرين شريمتيحرمت اوڏ، پوجا اوڏ، ساردا اوڏ، امرتا اوڏ، بيکو اوڏ، ڀيرجي اوڏ گورڌن اوڏ ۽ ٻين دانھيندي چيو ته اسان ڳوٺ کاروڙو چارڻ ۾ صدين کان ويٺل آھيون پر بااثر ماڻھن ھٿيارن جي زور تي حملو ڪري اسان کي گھران ڪڍي ڇڏيو ۽ حملي سبب 3 عورتون زخمي پڻ ٿيون آھن ھنن چيو ته اسان غريب مسڪين ماڻھو آھيون ۽ اسان سان ناحق ظلم پيو ڪيو وڃي پر اسان جي ھتي جي چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميه مان سار لھڻ لاء تيار ناھي ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته مامري جو نوٽيس وٺي اسان جا گھر زرعي زمين واپس ڏياري انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں