حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪجي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي بختاور چنڊ حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ الله بچايو ڇلگري جو دورو ڪيو ان موقعي تي سڀاڳي ڇلگري، زرينا خاتون عشاءَ خاتون، بختاور ڇلگري، نوري ڇلگري عابده ڇلگري شبانا ڇلگري سميت 30 کان مٿي عورتن سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد کان متاثر ٿي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو سنڌياڻي تحريڪ يونٽ کوليو صدر سڀاڳي ڇلگري نائب صدر زرينا خاتون جنرل سيڪريٽري عشاء خاتون جوائنٽ سيڪريٽري ڄامان ڇلگري چونڊيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون چيو تہ سنڌ ۾ عورتن جي حقيقي درد جو درمان سنڌياڻي تحريڪ آهي، سنڌ ۾ ٻئي ڪھڙي عورت تنظيم يا تحريڪ آهي جيڪا ٻارنهن ئي مھينا رستن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي آهي زينت سمون چيو تہ عورت دشمن رسمن ذريعي سنڌ کي عورتن لاء جھنم بنايو ويو آھي۔ ڪارو ڪاري جي ڪوڙن الزامن سان معصوم نياڻيون بيگناھ قتل ڪيون وڃن ٿيون۔ نصرت خاصخيلي چيو تہ انتقام وٺڻ لاء عورتن کي ننڌڻڪو ڪري قتل ۽ وڪرو ڪيو وڃي ٿو۔ جرڳا ڪري نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏنيون وڃن ٿيون. زبردستي ننڍي ڄمار ۾ شاديون ڪرايون وڃن ٿيون۔ ھندو نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪرايو وڃي ٿو۔ سنڌ ۾ حڪومت جو ڪردار ڏوھارين جي سرپرستي وارو آھي، جنھنڪري عورت دشمن رسمن ذريعي نياڻين ۽ عورتن سان ظلم ڪيو پيو وڃي۔ بختاور چنڊ چيو تہ عورتن تشدد ڪندڙ، اغوا، زيادتيون ۽ قتل ڪندڙ سمجھن ٿا تہ انھن کي ڪجھ نه ٿيندو ۽ اھي جرڳائي نظام سان آزاد ٿي ويندا۔ ھنن چيو تہ سنڌ ۾ نياڻين جا اسڪول کوليا وڃن۔ ھارين، مزدوين ۽ غريب ماڻھن جي نياڻين کي مفت اعلي تعليم ڏني وڃي۔ روزگار جا موقعا ڏنا وڃن۔ نياڻين کي ملڪيت مان حصو ڏنو وڃي۔ اجلاس ۾ صبا سمون خيرالنساء ڇلگري، ڪومل، سابرين ڇلگري، ڏاھي خاتون، راڻي، فريده ڇلگري ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔
