لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي جي رهواسي پرائمري مان ايڇ ايس ٽي جو پروموشن حاصل ڪندڙ سينئر استاد طرفان پنهنجي گهرڀاتين ۽ پاڙيسرين سان گڏجي جوائنگ نه ملڻ خلاف 21 هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ استاد محمد علي ابڙو پنهنجي ڀاءُ احمد علي ابڙو، پٽن عرفان علي، وقار ابڙو، پ ٽ الف لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري طالب مغل، محرم علي ملاڻو، احمد علي، خادم شيخ ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور 31 سال ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ کانپوءِ تقريبن هڪ سال اڳ سينيارٽي ۽ تعليمي قابليت جي بنياد تي ايس ايڇ ٽي طور پروموشن ڏنو ويو، پر مون کي پنهنجي شهر کان گهڻو پري ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي ۾ قائم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪاراڻي ۾ هلندڙ سال فيبروري مهيني دوران ايڇ ايس ٽي مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد مان روزانو موٽرسائيڪل تي 100 ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري اسڪول ايندو ۽ ويندو آهي، جڏهن ته ڪاراڻي هاءِ اسڪول ۾ تقريبن 8 مهينا ڊيوٽي ڪرڻ بعد ڊيوٽي تي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليف سبب سيڪريٽري تعليم سان ملي باقراڻي تعلقي جي مڏباهو ھاءِ اسڪول ۾ بدلي جو آرڊر وٺي آيس، پر مڏباهو اسڪول جي هيڊ ماستر احمد رضا شاھ مون کي اسڪول ۾ جوائننگ ڪرڻ نه ڏني، جڏهن ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪاراڻي جو هيڊماستر شفيق ٻگهيو پڻ مون کي رِليوِ نه پيو ڪري، ڏيڍ مهيني کان مسلسل جوائننگ ۽ رليو ڪرڻ لاءِ رلايو پيو وڃي، ان دوران مان لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي، جنهن ۾ سيڪريٽري تعليم ۽ ڊائريڪٽر سيڪنڊري اسڪولز سميت تعليم کاتي جي ٻين عملدارن کي ڌر بڻائي انصاف جي گهر ڪئي، جنهن ۾ عدالت طرفان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏيندي مون کي رليو ڪرڻ ۽ جوائننگ ڏيڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي، پر عدالتي حڪم تي به عمل نه پيو ڪيو وڃي، جنهن ڪري مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيو آهيان.
