ملير ۾ جساف پاران ثقافتي ريلي ڪڍي وئي

ملير(ڊ.ر) جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ملير پاران قوثين خان قريشي، جي ايم قريشي، راڻو خان قريشي، جي ايم سيال، ساجد راڄپر، راشد سنڌي،منير سنڌي، نعمان ٽڳڙ ۽ فردين جي اڳواڻي ۾ گلشن حديد کان ملير پريس ڪلب تائين ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ جساف جي ڪارڪنن ثقافتي لباس پهري گلشن حديد کان پيادل مارچ ڪندي ملير پريس ڪلب پهچي سنڌي لوڪ گيتن تي جهمريون هڻي خوشي جو اظهار ڪيو، ريلي کي خطاب ڪندي قوثين خان قريشي چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافت تي فخر آهي، هر سال جيان هن سال به سموري سنڌ ۾ ڀرپور نموني سان ثقافتي ڏهاڙو ملهائينداسين 4 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ ثقافتي پروگرام منعقد ڪرايا ويندا، ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو ٻڌائڻ آهي ته سنڌي قوم شاهوڪار ثقافت رکندڙ امن، محبت ۽ ڀائيچارو رکندڙ قوم آهي، قوثين خان قريشي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪندي کين ڪراچي ۾ سهولتون ڏئي آباد ڪيو وڃي، ڪراچي سنڌ جي دل آهي ان جو سڀ کان پهريون حق ڌرتي ڌڻين جو آهي حڪمران ڪراچي ۾ افغانين ۽ ڌارين جي آبادين کي پڪو ڪن ٿا پر ڏکن جي ماريل برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي ڪا مدد نه ٿا ڪن، جسقم پنهنجي ڀائرن ٻوڏ متاثرين سان گڏ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں