مانسهره (م ڊ) مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾ قومي حڪومت قائم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ اسان کي اڳيان اچڻو پوندو. جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان مانسهره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪيو ويو آهي ۽ 2018 ۾ ڌانڌلي ذريعي حڪومت قائم ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ افراتفري پيدا ڪئي وئي پر هاڻ اسان وڏي بحران مان نڪتا آهيون ۽ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ اسان کي اڳيان اچڻو پوندو. مولانا فضل الرحمان چيوته آزادي مارچ جي نالي تي عوام کي بيوقوف بنايو پيو وڃي. هن چيو ته دفاعي نظام کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ سياسي عدم استحڪام سبب معاشي عدم استحڪام آيو. سرمائيڪاري جي رستن کي بند ڪيو ويو هو پر اسان رياست جي حفاظت لاءِ جنگ وڙهي اسان پنهنجي سياسي مفاد کي نه پر ملڪي مفاد کي ڏٺو. اسان ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ قومي حڪومت هجڻ گهرجي. ڇو ته هڪ پارٽي ان معيشت کي بهتر نه ڪري سگهندي ۽ ملڪ اندر اڄ هڪ قومي حڪومت آهي. سڀ گڏ آهيون. معيشت ۽ غريب اسان جو مسئلو آهي. اڄ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قيمت بهتر ٿي رهي آهي.
