راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اعلان ڪيو آهي ته سڀني اسيمبلين مان نڪرنداسين، ان سسٽم جو وڌيڪ حصو نٿا رهي سگهون. راولپنڊي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته منهنجي حياتيءَ کي خطرو آهي، هن ڄنگهه سان سفر ڪرڻ مون لاءِ ڏکيو آهي، جيڪڏهن مان نه ڪِران ها ته گولين جو ٻيو رائونڊ مون کي لڳي وڃي ها، ڪِرڻ سان ئي مون کي خبر پئجي وئي ته الله مون کي بچائي ورتو. هن چيو ته ڪنٽينر تي 12 ماڻهن کي گوليون لڳيون، پر ڪوبه الله کي پيارو نه ٿيو، سڀ بچي ويا، عمران اسماعيل جي ڪپڙن مان 4 گوليون نڪتيون، موت جي خوف کان پاڻ کي آزاد ڪرڻ ضروري آهي، مون کي ذليل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪردارڪشي ڪئي وئي، ڇو ته انهن کي چور چوندو هيس، پاڪستان اڄ فيصلائتي ٻه واٽي تي بيٺو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن به وزيراعظم لاءِ ڪڏهن ايڏا ماڻهو نه نڪتا جيڏا مون لاءِ نڪتا، غلام رڳو سٺي غلامي ڪندا آهن، غلام جي اڏام ناهي هوندي، آزاد ملڪ مٿي ويندو آهي، رڳو آزاد ماڻهو وڏا ڪم ڪندا آهن. عمران خان چيو ته روڊن تي عوام جو سمنڊ آهي، اسلام آباد وڃڻ جو فيصلو ڪيوسين ته اهي برداشت نه ڪري سگهندا، مون لاءِ آسان هو ته سريلنڪا جهڙيون حالتون پيدا ڪيان پر ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو ڏڦيڙ نه ٿئي. اڳوڻي وزيراعظم چيو اسان فيصلو ڪيو آهي ته سڀني اسيمبلين مان نڪرنداسين، ان سسٽم جو وڌيڪ حصو نه رهنداسين، وڏن وزيرن ۽ پارلياماني ڪميٽي سان ڳالهايان ٿو، ڀڃ ڊاهه بدران بهتر آهي ته ان نظام مان نڪرون.
