ڀان سيد آباد (ن س) ڀان سيد آباد ۾ دادو جي ڳوٺ ميوو خان چانڊيو جي رهواسين جو مبينا طور قتل ٿي ويل منظور چانڊيو، سجاد، قربان چانڊيو ۽ شاهنواز چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عوامي پريس ڪلب ڀان سيد آباد جي عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي اڳواڻن دانهيندي چيو ته ڪجھ عرصو پهريان جوابدارن قربان، منظور، اصغر، محمد خان، يارمحمد، عزيزالله، منٺار جنسار ۽ ٻين اسان جو ڳڀرو جوانن کي بي دردي سان قتل ڪيو، پر دادو پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي، جنهن ڪري جوابدار اسان کي وڌيڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا اسان جا بي گناهه نوجوان قتل ڪيا ويا آھن پر انهن مان هڪ به جوابدار دادو پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آھي، جنهن ڪري جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن هاڻي وري وتي ڀتو نه ڏيڻ تان شاهنواز چانڊيو کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو ۽ معروف چانڊيو کي زخمي ڪيو ويو جيڪو زندگي ۽ موت جي جنگ لڙي رهيو آھي پر دادو پوليس جوابدار جيڪي اشتهاري ڏوهاري آھن انهن کي با اثرن جي چوڻ تي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آھي هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ چيف جسٽس هاء ڪورٽ .سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان هن معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي .
