ڀرياسٽي (رپورٽ:غلام مرتضيٰ دشتي) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ دريا خان جلباڻي مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ سرڪاري موريون بند ڪرڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن عورتن مردن ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو .ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ دريا خان جلباڻي سوين ڳوٺاڻن عورتن مردن ٻارڙن عبدالرزاق , شبن فقير ,مولا بخش کوکر, مسمات بشرا خاصخيلي, شازيـ جلباڻي, ناديا جلباڻي, ۽ خالدان دشتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ برساتن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سخت احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تـ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تـ برسات کي بند ٿئي چار مھينا گذري ويا آھن ۽ قدرتي وهڪرن کي بند ڪيو ويو آھي ڪيترن ئي سالن کان لنڪ روڊ وٽان سرڪاري موري وهندڙ رهي جنهن کي بااثرن بند ڪري زرعي زمينون بچايون ويون آھن ۽اسان جي گهرن ۾ مسلسل پاڻي بيٺل آھي جنهن ۾ ڳوٺ جو ڊرينيج جو پاڻي به شامل ٿيل آھي جنهن سبب اسان عذاب واري زندگي گهاري رھيا آھيون هنن چيو ته ضلعي توڙي تعلقي انتظاميا اگھور ننڊ ستل آھي برساتي پاڻي 4 کان 5_فٽ اسان جي گھرن ۾ موجود جيڪو ھن مھل تائين انتظاميا نيڪال نـ ڪرائي سگھي آھي ھنن وڌيڪ چيو تـ اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا مقامي زميندارن کي پسند نـ آئي انهن سرڪاري موريون بند ڪري پنهنجا ماڻهوَ ويھاري ڇڏيا آھن جيڪي پاڻي نيڪال ڪرڻ نٿا ڏين اسان جي بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود بـ ضلعي توڙي تعلقي انتظاميا اسان جي ڪابـ مدد ناھي ڪئي ھنن وزير اعليٰ, سنڌ چيف جسٽس آف سنڌ, ڪمشنر شھيد بينظيرآباد, اي سي ڀريا سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو تـ بااثر مقامي زميندارن خلاف ڪاروائي ڪري سرڪاري موريون کولي اسان جي گھرن ۾ موجود برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي
