ڄامشورو(ڊ ر)ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي ايڊ منسٽريٽر اصغر ڀنڊ جي نااهلي برساتن کي 3 مهينا گذرڻ باوجود برسات جو پاڻي ٽائون ڄامشورو جي وارڊن محلن گلين گهٽين ۾ بيٺل صفائي نه ٿيڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي روڊن رستن تي بيٺل ٻئي طرف ڄامشورو دڪاندار اڳواڻ عبدالحميد تيوڻو فاروق گاڏھي سلمان کوسو وھاب کوسو ۽ ٻين ٽائون ڪاميٽي کي احتجاج جو چتاءُ ڏنيندي چيو آھي ته ٽائون ڪاميٽي انتظاميه جي نااھلي سبب شھر گندگي جي ور چڙھيل آھي اڃا تائين برسات جو پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگيو ڪيترائي گهر پاڻي ۾ ٻڏل آھن صفائي عملو گم آھي شھر ۾ گٽرن جي صفائي نه ھجڻ سبب گٽر اٿلي پيا آھن گٽرن جو گندو پاڻي شھر جي مين بازارن ۾ ڪاھي پيو آھي بازار جو لنگھ بند لڳو پيو آھي شھري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آھن انتظاميه گم آھي ھنن وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪرپٽ ۽ اگھور ننڊ ستل ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ کي هٽايو وڃي ۽ شھر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪري گندگي جو آزار ختم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
