مير ذوالفقار چانڊيو
معاشري اندر ڪرپشن جو نالو ڪو نئون نه پر صدين کان گونجندو پيو اچي ته ملڪ اندر ڪرپشن ٿي رهي آهي ائين کڻي چئجي ته عام ماڻهو کان وٺي ملڪ جي حڪمرانن تائين اڪثريت عوام ڪرپشن ڪري رھي آھي معاشري جي عام ماڻهن سرڪاري آفيسرن کان وٺي ملڪ جي حڪمرانن تائين ھر فرد ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان موقعي جي مناسبت سان ڪرپشن ڪري رھيو آھي جنھن کي جيترو موقعو ملي ٿو اُهو پنھنجي وس آهر ڪرپشن ڪري ملڪي ادارن کي تباھ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رھي ٿو جيئن عام ماڻهو چوري جي طريقي سان گيس بجلي استعمال ڪري بل نه ڏيندا آهن جنهن کي سولي سنڌي ۾ ڪرپشن چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو آفيسر طبقو آفيسن ۾ ويھي عام ماڻهن کان پئسا وٺي ڪم ڪري ڏيڻ به ھڪ ڪرپشن آهي.
وزيرن مشيرن طرفان عوام جي ترقياتي ڪمن توڙي سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻين جا واقعا ڏسڻ ٻڌڻ ۾ ايندا رھندا آھن ائين کڻي چئجي ته جنھن ماڻھوءَ جي جيتري پھچ يا وس ھلندو آھي اھو ڪرپشن ڪرڻ ۾ اڳڀرو ھوندو آھي جيئن ھلندڙ ھفتي سنڌ اندر بيوروڪريسي جي ٻن آفيسرن جي ڪرپشن جا ميگا اسڪينڊل سامهون آيا آهن جنھن ۾ حيدرآباد کان سکر موٽروي پراجيڪٽ ۾ 2 ارب جي ڪرپشن ڪرڻ جو واقعو سامھون آيو آهي ڊي سي مٽياري کي گرفتار ڪري في الحال حڪومت جي ڪنٽرول ۾ رکيو ويو آهي جنھن جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ابتدائي رپورٽ مطابق ته ساھيوال سان تعلق رکندڙ آفيسر عدنان رشيد ڪوڙن اڪائونٽن توڙي جعلي چيڪ پاس ڪرائي ايڏي ڪرپشن ڪئي آهي سندس پرسنل ڊرائيور مطابق ڪجھه ڏينهن اڳ ڊي سي مٽياري جي حڪم مطابق 3 ارب روپين جي رقم ھڪ گاڏي ۾ کڻي ساھيوال جي ڀرسان سندس ڳوٺ ۾ پھچائي آيا ھئاسين ايڏي وڏي واردات ٿيڻ کان پوءِ اينٽي ڪرپشن ٽيم پھچي جاچ ڪري رهي آهي.
في الحال ڊي سي مٽياري سميت 5 ماڻهو ٻيا به گرفتار ڪيا ويا آهن جيڪي پڻ ان واقعي ۾ ملوث آهن ٻيو واقعو ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم پاران ساڳئي پراجيڪٽ حيدرآباد کان سکر موٽروي ۾ ڪرپشن جو ميگا اسڪينڊل سامهون آيو آهي جنهن ۾ پڻ ساڳي طريقي سان جعلي چيڪ ڪوڙن اڪائونٽن ذريعي 3 ارب روپين جي ڪرپشن جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي جنهن ۾ اڳوڻو ڊي سي دبئي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي جنهن جي لاءِ اينٽي ڪرپشن ٽيم سميت ايف آءِ اي جاچ ڪري رهي آهي ڪرپشن جا ميگا اسڪينڊل ڪيس بيوروڪريسي جا ڀلي پھرين دفعي سامھون آيا ھجن پر ماضي قريب ۾ وزيرن مشيرن مٿان ڪرپشن جا ميگا اسڪينڊل سامهون آيا آهن جنھن ۾ 4 ارب روپين جي ڪرپشن ۽ 6 ارب روپين جي ڪرپشن جا ميگا اسڪينڊل سامهون پڻ آيا آهن جنھن جي لاءِ چوڻي آهي ته” چوڪيدار به پاڻ چور به پاڻ “ غريب ماڻهو صرف تماشو ويھي ڏسي ته شراب مان ماکي ڪيئن ٺاهي ويندي آهي عام ماڻهو گيس جو ھڪ ھزار بِل نه ڏيڻ تي جيل موڪليو ويندو آھي .
جڏھن ته وزير مشير ڪروڙين اربين روپين جي ڪرپشن ڪن کين ڪير به پڇڻ وارو ناهي ھڪ ھفتي ۾ ڪرپشن جا ميگا اسڪينڊل سامهون اچڻ ڪري عام ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن ته جنھن صوبي جا غريب مسڪين ماڻهو ھڪ وقت جي ماني ڳڀي لاءِ بک ۾ مري رهيا ھجن ان صوبي جي آفيسرن جي ڪرپشن جا ميگا اسڪينڊل سامهون اچڻ وقت جي حڪومتن لاءِ سواليه نشان آهن ته امتحان به آهي ته حڪومت اھڙن آفيسرن کي سزا ڏياري کين عبرت جو مقام بڻائيندي يا بس ڏيتي ليتيءَ جي عيوض مسئلو حل ٿي ويندو ياد رهي ته ٻنھي ضلعن جي اعليٰ آفيسرن جو تعلق سنڌ سان نه پر ٻين صوبن سان آهي ڪيڏي وڏي بيحسي ۽ افسوس جي ڳالھه آهي ته پنھنجي صوبي جي آفيسرن کي ڇڏي ڪري ٻين صوبن جا آفيسر ڀرتي ڪري انھن کي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻائي رهيا آهيو جنھن جا اھڙا خراب نتيجا نه نڪرندا ته ٻيو ڇا ٿيندو.
جيڪڏهن ان واقعي جي صحيح طريقي سان جاچ ٿئي ته گھڻا ئي اڇا ڪارا ظاهر ٿي سگھن ٿا ھتي ھڪ سوال جنم وٺي رھيو آھي ته ٻاھرين صوبن جي آفيسرن کي سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائڻ ۾ ڪنھن جو ھٿ ملوث آهي ڌارين آفيسرن کي ايڏي منصب تي ويھارڻ وارو ڪير آهي ظاھري حقيقت آهي ته ايڏي وڏي ڪرپشن ڪرڻ ۾ ضلعي جو ڪو ھڪ آفيسر شامل نه ھوندو پر ان ڪيس جي پويان ڪو وڏو گروپ يا گينگ ھوندي جنھن جي مرضي چوڻ کان بغير ايڏو وڏو اسڪينڊل سامهون نه اچي ھا اِن ڪري سڄي واقعي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي اصل حقيقي ڏوھارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ته بھتر ٿيندو جيڪڏهن صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته ٻيا به اھڙي قسم جا اسڪينڊل سامهون اچي سگھن ٿا.
ذريعن مطابق ته سنڌ جي ڪافي ضلعن جي ڊي سيز جو تعلق پڻ ٻين صوبن سان آهي جنھن جي جاچ ڪري انھن کي پنھنجي صوبي ۾ واپس ڪري سنڌ اندر پنھنجا ايماندار بھترين قابليت رکندڙ آفيسر مقرر ڪيا وڃن جيڪي قانوني طريقي سان عوام جي خدمت سان گڏ انھن جي حفاظت ڪري سگھن صرف ٻن ضلعن جي ٻن آفيسرن جي ڪرپشن جا واقعا سامھون آيا آهن جيڪڏهن سڀني ضلعن جي اعليٰ آفيسرن جي جاچ ڪئي وڃي ته گھڻو ڪجھه سامھون اچي سگھي ٿو ايڏي وڏي ڪرپشن جو ٿورو حصو جيڪڏهن غريب مسڪين اٻوجهھ عوام تي خرچ ٿئي ته يقينن سنڌ اندر وڏي خوشحالي اچي سگھي ٿي پر افسوس ته حڪومت جي غير سنجيدگي سبب سنڌ اندر ھر جڳهھ تي ڪرپشن جي بازار گرم ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري عام ماڻهو جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي پر ان سان گڏوگڏ سنڌ جي تباھي ٿي رهي آهي روڊن رستن ادارن جي تباهي جو ھڪ سبب ڪرپشن آهي جيڪڏهن ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪرپشن ٿيندي ته ترقي بجاءِ تباھي ايندي ان ڪري سنڌ حڪومت کي ننڍ مان سجاڳ ٿي عوام جي خدمت تحت ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ ڪوششون وٺي ته عوام کي ڪجھه رليف ملي سگهي ٿو جيڪڏهن موجوده واقعن ۾ سنڌ حڪومت طرفان ٿوري به سستي جو مظاهرو ڪيو ويو ته ايندڙ حالتن ۾ سنڌ جي عوام کي وڏو نقصان ملي سگهي ٿو جنھن کي ڪير به پورو نه ڪري سگهندو.
