ھنڱورجا ۾ استادن ۽ شاگردن جو پي پي ايم پي اي غزاله سيال خلاف ڌرڻو

ھنڱورجا(ن س) ھنڱورجا سيڪنڊري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران پ پ پ ايم پي اي غزالا سيال جي  مبينا طور اسڪول جي وزٽ دوران استادن سان  بدتميزي ڪرڻ واري عمل خلاف اسڪول جي پرنسيپال رضيه شيخ، عبدالقيوم ميمڻ، استادتحسين شاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري قومي شاهراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو آهي ته پ پ پ ايم پي اي غزالا سيال اسڪول جي وزٽ دوران استادن سان بدتميزي ڪئي جيڪا ڳالهه افسوسناڪ آھي ايم پي اي جي اھڙي ڪريل حرڪت جي خلاف احتجاج ڪيو آھي ھنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ايم پي اي غزالا سيال استادن کان معزرت نه ڪئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں