آرمي چيف جنرل باجوا ۽ سندس گهر ڀاتين جي اثاثن بابت انگ اکر گمراهه ڪندڙ آهن: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ) آءِ ايس پي آر آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ سندس گهر ڀاتين جي اثاثن بابت سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل انگن اکرن کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي. آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گمراهه ڪندڙ انگ اکر مفروضن جي بنياد تي وڌائي پيش ڪيا ويا آهن، جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي. بيان موجب هڪ خاص گروپ انتهائي هوشياري ۽ بدديانتي سان جنرل باجوا جي نُنهن جي پيءُ ۽ فيملي جي اثاثن کي آرمي چيف ۽ خاندان سان جوڙيو، اهو سراسر غلط تاثر ڏنو پيو وڃي ته اثاثا آرمي چيف جنرل باجوا جي 6 سالن جي دور ۾ سندس نُنهن جي پيءَ جي گهر ڀاتين ٺاهيا. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اهو قطعي طور تي حقيقتن جي ابتڙ، کليل ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، سندس گهرواري ۽ خاندان جو هر اثاثو ايف بي آر ۾ باقاعدي ڊڪليئرڊ آهي، آرمي چيف ۽ خاندان باقاعدگي سان ٽيڪس ريٽرن فائل ڪندا آهن. آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته هر شهري جيان آرمي چيف ۽ سندس فيملي ٽيڪس اختيارين سامهون پنهنجي اثاثن بابت جوابده آهن. پاڪستان جي هڪ ڊجيٽل ميڊيا نيوز آرگنائيزيشن جي رپورٽ ۾ ٽيڪس گوشوارن ۽ ويلٿ اسٽيٽمينٽ جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي وئي هئي ته آرمي چيف جي خاندان گذريل 6 سالن ۾ اربين رپيا ڪمايا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں