اسلام آباد ۾ سنڌي شاگردن تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن: اياز لطيف

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سنڌي شاگردن تي تشدد جي مذمت ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ۽ ھاء ڪورٽ کي اسلامڪ انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سنڌي شاگردن تي قاتلاڻي حملي جو فوري نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تعليمي نظام درھم برھم آھي. حڪمرانن سنڌي ماڻھن کي غلام ڪري رکڻ لاءِ تعليم تباھ ڪئي آھي، جيڪي شاگرد اسلام آباد ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، انھن تي حملا ڪري تعليم جا دروازا بند ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي شاگرد مشڪل حالتن جو ڄمي مقابلو ڪن. ڪنھن بہ غنڊه گردي جا خوفزده ٿي تعليم جو رستو نہ ڇڏين. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسلام آباد ۾ سنڌي شاگردن تي حملا ناقابل برداشت آھن. فوري طور تي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ شاگردن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي. ھوڏانھن اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي اسلام آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي وفد عنايت لاشاري جي اڳواڻي ۾ اسلامڪ يونيورسٽي جي متاثر سنڌي شاگردن سان ملاقات ڪري کين اياز لطيف پليجي جو پيغام ڏنو ۽ کين مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو تہ شاگردن سان ٿيندڙ دھشتگردي خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آھي. شاگردن کي اڪيلو نہ ڇڏيو ويندو. سنڌي شاگرد سنڌ جو مستقبل آھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں