اٺون اياز ميلو وري خانه بدوش جي سرزمين تي !

نياز احمد راھوڪڙو
مان نه ھوندس، شاعري تو وٽ ڇڏيندس
گيت ڳائيندينءَ جڏهن منهنجا ته تو وٽ آنءَ ايندس
آنءَ تنهنجي زندگي ھان موت ۾ ڪئن منهن مٽيندس
شاعري تو وٽ ڇڏيندس!! (شيخ اياز)
شيخ اياز جيڪو اسان نوجوانن جي جذبن جي ترجماني ڪندڙ شاعر آ جيڪو سنڌ جي سونهن کي محبوب بنائي ھڪ معشوق جيان لکندڙ شاعر، جنهن جي لفظن ۾ ھماليه پھاڙ کان اونچا جذبا سمايل، جنهن جي شاعري ۾ سراپا عشق سنڌ ۽ رقص بي خودي سان ڀريل لفظ، شيخ اياز جنهن ڌرتي سان نيھن جو ناتو نڀايو، جنهن ڌرتي سان گڏ ڌرتي وارن سان بي انتھا محبت ڪئي. پنهنجي درد کان وڌيڪ انهن جي درد کي محسوس ڪيو ۽ انهن دردن جي پنهنجي وس آھر طبيب به ٿيو ۽ وري پنهنجي قلم ذريعي پوري ملڪ جي حاڪمن کي انهن جي ڏک تڪليف ۽ درد کان واقف ڪرايو. اياز جو سنڌ ۽ سنڌ وارن سان عشق جي داستان تي ڇا لکي ڇا لکان، ھو ته سراپا ڌرتي لاءِ ھڪ اميد جو آلاپ ھو، ان تي خدا جي خلقيل ماروئڙن سان به بي انتھا محبت ڪئي، ان ته انسانيت کي وڏي ترجيع ڏني. ان تي وقت جي رھزن ته وڏيون فتوائون به لڳايون پر ھي مڙس مانجھي ڪونه رڪيو ۽ ڌرتي واسين لاءِ لکندو رھيو، پنهنجي بند ۾ چيو آھي ته
“عشق تنهنجو ‘اياز’ آھي انسان سان
ھو چون ٿا ته تون ناھين ايمان ۾ “
اياز جي ڪردار تي اگر لکبو ته ڪيترائي پنا ڀرجي ڪتاب جي شڪل اختيار ڪري ويندا، اچون ٿا پنهنجي موضوع تي “اياز ميلو” شيخ اياز جا ته ڌرتي تي ڪيترائي عاشق موجود آھن جيڪي سندس شاعري سان بي انتھا محبت ڪن ٿا پر جيڪو نيھن جو ناتو شيخ اياز سان امر سنڌو، حسين مسرت، عرفانه ملاح، امداد چانڊيو، تاج جويو، مجيد چانڊيو، نسيم جلباڻي، عطيه اعجاز ابڙو، خدا بخش ۽ رخسانه وارن نڀايو آھي ان ڪم کي تاريخ جا ورق سونن حروفن ۾ ضرور لکندا. ھر سال ڊسمبر ۾ جڏهن سنڌ تي اتر جي واءُ جا ھٻڪار ھوندا آھن، جڏهن ھر ماڻهو رات جي انڌير ۽ تمام گهڻو سيءُ سبب پنهنجي ڪمري تائين محدود رھي سردي کان بچاوءُ ڪندا آھن، انھيءَ ساڳي وقت ۾ اھي اياز جا ديوانا حيدرآباد جي مھڪندڙ مٽي خانه بدوش جي سرزمين تي اياز جي سرن جي ورکا جو شاندار ۽ دلڪش ميلو رچائي ڪيترين ئي ڌرتي ڌڻين جي جذبن کي اڀاري ڇڏيندا آھن. ڌرتي ۽ اياز جا عاشق پنهنجي مصروفيتون ترڪ ڪري ان ميلي ۾ شرڪت ڪري سڪون ۽ روح کي راحت ڏيڻ لاءِ اچي لطف اندوز ٿيندا آھن، اياز ميلي دوران ڄڻ سڄي سنڌ خانه بدوش جي سرزمين تي ھجي، وڏي ڳالهه ان ميلي ۾ ڪا به فيس وغيره نه آھي، سموري ملڪ جا وڏا نالي وارا فنڪار، اديب، دانشور ۽ شاعر اچي سڀن کي پنهنجو ديدار پسائيندا آھن، پوري سنڌ بلڪي پوري ملڪ مان اياز سان محبت ڪندڙ ماڻهو اچي اياز جي ھن ميلي کي ڪامياب ڪندا آھن، وڏي ڳالهه ان ميلي ۾ عورتون وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪنديون آھن، ھي سنڌ جو نياڻيون بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي پاڻ کي محفوظ سمجھي ان ميلي کي خوب انجوائي ڪنديون آھن، ھن ميلي ۾ شيخ اياز جي ھڪ مستاني امر سنڌو جڏهن ڪو فنڪار اياز جا لفظ پنهنجي زبان تي وکيڙيندو آھي ته امر سنڌو رومي جيان رقص بي خودي ۾ مدھوش ٿي جھومي پوندي آھي ۽ اسان نوجوان به جي جذبن کي ڏسي بنا ڪنهن جھجڪ جي رقص ۾ جھومي پنهنجي پوري سال جي ٿڪاوٽن کي سڪون ۽ راحت ۾ تبديل ڪندا آھيون، يقين ڪريو اياز ميلي ۾ جيڪي زندگي جا پل گذريا آھن شايد اھي اسان جي پوري مختصر زندگي جا انمول ڏينهن رھيا آھن، جنهن کي وسارڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناھي تقريبن اھو ميلو مسلسل 7 سالن کان خانه بدوش جي سرزمين تي مچندو اچي ۽ ھاڻي انشاللھ 23 کان 25 ڊسمبر 2022 تي وري 8 اياز ميلو رچي رھيو آھي جيڪو ھر سال جيان وري به وڏي ڌام ڌوم سان ملھايو ويندو. ھر سال اھا ڪوشش ھوندي آھي ته اياز جي ھن ڪاڄ کي پھرئين کان وڌيڪ شاندار ۽ نرالو ڪريون، يقينن اياز ميلي جون تياريون ۽ ان جي انتظاري اسان وٽ عيد جي سماع جيان آھي، بس اياز ميلو جلد ٿئي وري پنهنجي من کي مھڪائيجي. ھر سال جيان ھن سال به اسان اٺين اياز ميلي ۾ رضاڪار جا فرض سرانجام ڏئي اياز جي عاشقن ۽ سنڌ جي محبوب ۽ امن پرست ماڻھن جي آجيان ۾ مصروف رھنداسين. اياز جي ميلي ۾ خدمت جا فرض سرانجام ڏيڻ کان پوءِ جيڪا خوشي محسوس ٿئي ٿي ان کي لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي. اميد ته اٺون اياز ميلو به ھر سال جيان وڏي جوش ۽ خروش سان ملھائي سنڌ جا ماڻھو “سنڌ اياز جي عاشقن سان ڀريل آهي” ان ڳالهه جو ثبوت ڏيندا، باقي شيخ اياز سنڌ جو سدا امر ڪردار آھي سندس اھو محبت جو تسلسل سدائين قائم رھندو اسان ھجون نه ھجون پر اياز جو اھو ڪاڄ ھر سال مچندو رھندو، ڇو ته اياز جي آواز کي ڪير به خاموش نٿو ڪري سگھي بقول اياز جي ته:
تون چئو نه ڪڇان، تون چئو نه لڇان،
پر ھڪڙي تونکان ڳالهه پڇان،
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين
اعلان ھزارين مان نه رڳو . (اياز)

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں