بدين ۾ ايس يو پي جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي، ڌرڻو

بدين(رپورٽ:مرتضيٰ ميمڻ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌ ۾ برسات متاثرن جي واھر نه ٿيڻ، ھارين ۽ آبادگارن کي زرعي پيڪيج ڏيڻ لاءِ ۽ پاڻي جي قدرتي وھڪرن تان قبضا ختم نه  ڪرائڻ خلاف ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ کان سوين ماڻھن جي ريلي ڪڍي  بدين پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو.  ڌرڻي کي مرڪزي صدر سيد زين شاھ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري  امير علي ٿيٻو، روشن ٻرڙو ۽ امير آزاد پنھور ۽ جي ڊي اي  اڳواڻ دلبر سنڌي  خطاب ڪندي چيو تہ اسان ٻوڏ متاثر ماڻھن جي بحالي لا۽ بدين پھتا آھيون سنڌ ۾ تباھڪن  برسات پوڻ سبب وڏي تباھي آئي ايل بي او ڊي ذريعي سوين خاندان کي ھٿرادو  ٻوڙايو ويو ،جنھن سبب سوين خاندان تباھ ٿي ويا،ھاڻي چونڊيل نمائندن جو گھيراء ڪري انھن کي ٻڌايون ٿا ته توھان سنڌ تباھ ڪري ڇڏي آھي سنڌ جي سامونڊي پٽي وڪرو ڪري ڌارين کي ڏني ويئي آھي ڪروڙين ماڻھن کي پ پ پ دربدر ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين لاء مليل 16 ارب روپين جي امدادي رقم حڪومت ۾ ويٺل حرام کور کائي ويا،ھنن چيو ته  عوام کي ھاڻ سجاڳ ٿي ھاڻي سوچڻ کپي ھن چيو تہ برساتي پاڻي جي نيڪال جو نظام درست نہ ھئڻ ڪري سنڌ جا ڪيترائي ضلعا اڃا پاڻي ۾ ٻڏا پيا آھن، پاڻي نيڪال نٿو ڪرايو وڃي،30 لک گھر تباھ ٿيا آھن، جيڪي حڪومت عوام کي جلد ٺھرائي ڏيئي،آبادگارن کي سبسڊي ۽ قرض ڏيئي انھن کي  ٻيھر آباد ڪيو وڃي،ھن چيو ته سنڌ جا وزير رڳو معافيون نہ وٺن عملي ڪم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں