تلهار ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج

تلهار(ن س) تلهار ۾ آئي بي اي ٽيسٽ سال 2021 جي پاس ٿيل اُميدوارن پاران کين آفر آرڊر نه ملڻ خلاف فاروق اعظم چوڪ وٽ وات ۾ گاھ وجهي انوکو احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙن ۾ نور حسين کوسو ،صالح خواجه ،ڪامران ڪنڀار ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت ٻٽي پاليسي اختيار ڪئي آهي سنڌ جي نوجوانن جا حق ماري کين ڀت سان لڳايو آهي سنڌ هڪ آهي ته پاليسي به هڪ ئي هجڻ گهرجي، سنڌ حڪومت 18 تعلقن کي هارڊ ايريا قرار ڏيڻ ڊرامو آهي اسان سنڌ حڪومت جي اھڙي ٽريننگ ۽ هارڊ ايريا واري ٻٽي پاليسي جي مخالفت ڪيون ٿا. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سڀني PST ۽ JEST کي 40 سيڪڙو وارو شرط ختم ڪري ضلع بدين ۽ تلھار کي 33 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس ڪري ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪري آفر آرڊر ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں