جنرل ساحر شمشاد جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جو عهدو سنڀالي ورتو

راولپنڊي (م ڊ) جنرل ساحر شمشاد مرزا جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. آءِ ايس پي آر موجب جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز ۾ جنرل ساحر شمشاد لاءِ پروقار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته تقريب ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بيان موجب جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستن سلامي پيش ڪئي، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جنرل ساحر شمشاد مرزا گارڊ آف آنر ۽ مارچ پاسٽ جو جائزو ورتو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں