لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سينيٽر اعظم سواتي جي ٻيهر گرفتاري تي چيو آهي ته حيران آهيان اسان ڪيتري تيزي سان فاشسٽ رياست ڏانهن وڌي رهيا آهيون. عمران خان ٽوئيٽر تي سينيٽر اعظم سواتي جي ٻيهر گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته اعظم سواتي تي حراست ۾ تشدد ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي وڊيو سندس گهرواري کي موڪلڻ جي تڪليف کي ڪير ڪيئن نٿو سمجهي سگهي؟ ناانصافي تي اعظم سواتي جي ڪاوڙ ۽ مايوسي جائز آهي. هن چيو ته اعظم سواتي جي حمايت ۾ سينيٽرن جي اپيلن کي 15 کان وڌيڪ ڏينهن گذرڻ باوجود سپريم ڪورٽ جا دَر ان لاءِ بند رهيا، هو ٽوئيٽ ڪندو آهي ۽ ٻيهر گرفتار ٿي ويندو آهي، ان رياستي فاشزم خلاف سڀني کي آواز اٿارڻو پوندو.
