خيرپور ناٿن شاھ(رپورٽ:- محمد فراز سوڍر (خيرپور ناٿن شاھ ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻوڏ متاثرين جي زندگين جي بحالي عنوان هيٺ ڪي اين شاھ جي مقامي هوٽل ۾شاندار ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ شامل سمورين پارٽين جا سياسي اڳواڻن سميت شھر جا سماجي ، مذھبي ،اديب، شاعر ھر مڪتب فڪر سان سلهاڙيل سان گڏوگڏ شھرين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي اڳواڻي ڪندڙن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين گلزار احمد سومرو ، حفيظ ڏيرو، سومار علي ، ايڊووڪيٽ شعبان ملاح ، سيد لال شاھ،۽ مذھبي تنظيم جي اڳوا. حافظ انور کونھارو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ برساتي پاڻيءَ جي آيل ٻوڏ سنڌ حڪومت، پي ڊي ايم جي اتحادي وفاقي حڪومت جي گڏيل مجرماڻي موقف اختيار ڪيو آهي، جڏھن ته گذريل پندرھن سالن کان سنڌ ۾ پي پي پي جي حڪومت دوران ڪرپشن ، اقربا پروري ۽ خراب حڪمراني جو نتيجو آهي ، سنڌ برساتي پاڻي ذريعي ٻوڙي وئي آهي ، سموري سنڌ ۾ ٻه ڪروڙن کان مٿي ماڻھون بي گھر ٿيا آهن ،جيڪي ھن وقت به دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن ، ھن ٻوڏ ۾ ھي شھر خيرپور ناٿن شاھ وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيو آھي ، جڏھن ته ھتان جا چونڊيل نمائندا ، ايم پي اي ، ۽ ايم اين اي ، ۽ انتظاميا ھن وقت تائين لاپتا آھن. ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته ٻوڏ متاثرن جي زندگين جي بحالي ڪانفرنس جي گڏيل راءِ آھي ته 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ ھن شھر سميت سموري سنڌ جي ترقي جي لاءِ ڪابه رٿا بندي نه ڪئي وئي آهي ، ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ طئي ٿيل عالمي اصولن تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آهي،ايتري تائين جو پاڻي کي رستو ڏيڻ لاء ايريگيشن انجنيئر سان ڪابه صلاح نه ڪئي وئي آهي ،جڏھن ته 2022 واري ٻوڏ 7 لکن واري آبادي واري تعلقي کي ٻوڙي تباھ ڪري ڇڏيو ، ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته ٻوڏ متاثرن کي راشن ، پيئڻ جي پاڻي ، خيما، ۽ زندگيءَ گذارڻ لاءِ گھربل شيون ڏيڻ بجاءِ پنھنجن گودامن ۾ رکي خراب ڪري ڇڏيو آهي ،ھي ڪانفرنس سمجھي ٿي ته ڪنھن المئيي ء حادثي جي حالت م اسان کي محفوظ ھنڌن تي پھچائڻ لاءِ پھرين مرحلي م ريسڪيو ڪيو ويندو آهي ، ڳوٺن ۾ اطلاع ڪيا ويندا آهن ، ان سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽ فراھم ڪئي ويندي آهي ، پر سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي ويئي آهي ، ماڻھن کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو جنھن جي ڪري جاني ء مالي نقصان ٿيو آهي ، ٻوڏ متاثرن جي سامان سان گودام ڀري ڇڏيا ،۽ پنھنجي نوازي ڪئي وئي ، ۽ ڪٿي به عالمي معيار جي خيما بستي نه ٺاھي وئي جنھن جي ڪري ٻوڏ متاثرين در بدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
