دادوءَ ۾ مڙس وٽ مبينا قيد ڪيل ناري ڊرامائي انداز ۾ بازياب، وڊيو وائرل

دادو(ڊ ر)دادو شهر جي رند ڪالوني ۾ مبينا مڙس وٽ قيد ڏيکاريل ناري کي وارثن ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي،8 مهينا اڳ شادي ڪندڙ ناري ڪائنات ڌي ظهور لنڊ جي وارثن ناري جا هڪ گهر مان هٿ پير ٻڌل هجڻ جي وڊيو ٺاهي ناري کي ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي ورتو، مبينا طور بازياب ٿيل ناري مسمات ڪائنات ابتدائي طور بي سيڪشن پوليس کي بيان ڏيندي چيو ته مون سان ڀائر ملڻ ايندا هئا ان تي مڙس خالد ڪاوڙ ڪندو هئو جنهن 3 ڏينهن کان گهر ۾  هٿ پير ۽ اکيون ٻڌي قيد ڪيو هو، اڄ وارثن مڙس جي قيد مان آزاد ڪرايو آهي، ٻئي طرف دادو بي سيڪشن پوليس رابطو ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته پوليس اهلڪار ظفر لنڊ فون تي اطلاع ڪيو ته ٽن ڏينهن کان ناري ڪائنات کي مڙس خالد لنڊ نامعلوم هنڌ قيد ڪيو هو ان کي اسان بازياب ڪرايو آهي جنهن بعد مبينا طور بازياب ٿيل ناري جي والد ظهور لنڊ جي فرياد تي دادو بي سيڪشن ٿاڻي تي گناھ نمبر 149/2022تحت 5 ڄڻن خالد لنڊ، سندس ماءُ سميرا،  احمد لنڊ، غلام رسول، حسين لنڊ مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي معاملي جي جاچ شروع ڪئي آهي ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون جلد جوابدر گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويندا، جڏهن ته ٻئي ڌريون دادو شهر جي مزدورآباد ڪالوني جا رهواسي آهن، ياد رهي ته ميبنا طور بايازب ڏيکاريل ناري ڪائنات جي مڙس خالد لنڊ پنهنجي ماءْ سميرا زال فهد لنڊ ۽ پڦي شريفان لنڊ سان گڏ دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد دادو پريس ڪلب ۾ صحافين کي ٻڌايو ته سهرو ظهور لنڊ 6 مهينن کان زال ڪائنات کي پنهنجي گهر وٺي ويو آهي، هاڻ زال ڪائنات کي واپس نه ٿو ڪري، زال ڪائنات کي وٺڻ ويس ته سهري ظهور ۽ سالن فيصل،ضمير،زاھد،مزمل 10لک روپيا گهريا نه ڏيڻ تي موتمارڌمڪيون ڏئي ڪائنات کي طلاق ڏيڻ لاءِ زور ڀري گارگند ڪري گهران ڪڍي ننڍي ڀاء احمد لنڊ ۽ مون مٿان تشدد ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں