دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو ۾ نوجوان شاگرد مقتول دانش جمالي جي قتل واقعي کي 40 ڏينهن گذري ويا قاتل گرفتار نه ٿيا جنهن خلاف اڄ شهيد دانش جمالي جي وارثن سول سوسائٽي جي نمائندن، شهرين، سماجي، سياسي اڳواڻن، مردن، عورتن، صحافين، شاعرن، اديبن، استادن، شاگردن، واپارين پاران پوليس جي روايتي سستي خلاف دادو ميونسپل پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ڌرڻي ۾ شامل مظاهرين جي هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ شهيد شاگرد دانش جمالي جي حياتي ۽ قتل واقعي واري مهل جون تصويرون کڻي دادو جي اي سيڪشن پوليس ۽ چونڊيل نمائندن سميت، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ لاءِ سوين مظاهرين پاران اڀ ڏاريندڙ نعرا گونجندا رهيا احتجاجي ڌرڻي کي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته بدامني باهه ڀڙڪي رهي آهي دادو جي عوام کي ڏوهارين، لوفرن. گنڊن، بدماشن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي 10 ڊسمبر 2022 تائين نوجوان شاگرد دانش جمالي جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته وارثن سان گڏجي سخت احتجاج ڪيو ويندو ۽ ايس ايس پي آفيس، ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس سميت چونڊيل نمائندن جي گهرن جو گهيراءُ ڪرڻ لاءِ احتجاج جي حڪمتي عملي جوڙي ويندي جنهن ۾ دادو شهر جي باشعور هزارين ماڻهن کي ان احتجاج ۾ شامل ڪيو ويندو جنهن جي اڳواڻي جي ذميواري جسقم کڻڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته اڄ دادو جي شهرين ڏوهارين خلاف حق جو جهنڊو بلند ڪيو آهي هن شعور کي سلام پيش ڪريان ٿو ڪاروباري تنظيمن کي اپيل ڪريان ٿو ته احتجاجي تحريڪ جيڪو به رخ اختيار ڪري اهو شهيد دانش جمالي جي قاتلن کي قانون مطابق عدالتي ڪٽهڙي ۾ پهچائڻ تا.ئين سک جو ساهه نه کڻنداسين. جڏهن ته جسٽس فار دانش جمالي جدوجهد ڪاميٽي جي سڏ تي اجتجاجي ريلي ۽ ڌرڻي کي شهيد دانش جمالي جي وارثن رفيق احمد جمالي، محمد امين جمالي ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن مختلف سياسي ۽ سماجي، ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن محمد بخش ڪورائي، دادو پريس ڪلب جي صدر صابر علي ڀنڊ، ايس يو پي جي اڳواڻ ڪامريڊ نياز حسين پنهور، اڳوڻي ايم پي اي مسلم ليگ ن سورٺ ٿيٻو، پ پ پ عورت اڳواڻ ميڊم حسينه لغاري، اڳوڻو ڪائونسلر ۽ سماجي اڳواڻ سيد امير شاهه بخاري، واپاري تنظيم جي صدر گل حسن پنهور، پ پ پ اڳواڻ ايم عمر پنهور، نامور وڪيل اڳواڻ پير هني، عبدالرئوف جمالي، عبدالر رشيد جمالي، سجاد جمالي،راجا رفيق پنهور، ساجد مستوئي، سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي اڳواڻ غوث جهتيال، سماجي اڳواڻ عباس وگهيو، ڪامريڊ انور پنهور، لالا عبدالستار قريشي، اصغر جمالي، طارق جمالي، علي دادو والا، واجد ملاح، ديدار شيخ، لياقت ملڪ، ضمير ڪوريجو سميت سوين ماڻهن احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي آخري اطلاع تائين ڌرڻي جي اختتام تي اڳواڻن پاران واضع ڪيو ويو ته قاتلن جي گرفتاري 10 ڊسمبر 2022 تائين پوليس کي ڪرڻ گهرجي ان چتاءُ تي ايس ايس پي دادو ڌيان نه ڌريو ۽ اختيارين پاران نوٽيس نه ورتو وتو ته سڄي ضلعي دادو ۾ احتجاج طور ڪاروبار مڪمل بند ڪرڻ جو سڏ ڏنو ويندو ۽ ايس ايس پي دادو جي آفيس اڳيان قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. اڳواڻن چيو ته 40 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مک قاتل گرفتار ڪري نه سگهي آهي، گرفتار ڪيل جوابدار نياز جمالي ۽ سهولتڪار وحيد لغاري مک جوابدارن جا پوليس ۾ جاچ دوران نالا پڻ کنيا آهن ۽ سڃاڻپ ڪئي آهي واضع رهي ته ڦر دوران نوجوان دانش جمالي مذاحمت سبب قتل ٿي ويو هو ۽ سندس دوست دلاور بوزدار گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿيو هو. مقتول دانش جمالي دادو شهر ۾ نيشنل مصالا ڪمپني جو ملازم هيو جيڪو پنهنجي ڊيوٽي دوران دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ مزدورآباد محلي ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو هو جنهن قتل واقعي سڄي دادو شهر کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آهي.
