زينب عطا محمد جکرو
اسان جي سماج ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي لفظ ڌيءَ کان پري ڀڄن ٿا ۽ ان جي ڄمڻ تي غمگين ٿي وڃن ٿا، اسلام ۾ ڌيءَ رحمت آهي. ڇوڪرن کي ڇوڪرين کان وڌيڪ آزادي ۽ وڌيڪ حق حاصل آهن. اسان جي سماج ۾ عورت کي گهٽ سمجهيو ويندو آهي پر حقيقت اها آهي ته هتي عورت کان وڌيڪ طاقتور ڪا به شيءِ ناهي، هتي عورتن کي ڪمزور ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏئي سندن زندگيون برباد ڪيون ويون آهن. هتي ڪيترائي ماڻهو آهن جن پنهنجين ڌيئرن جي شادي 18 سالن جي عمر کان اڳ ڪئي آهي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته بعد ۾ اهي پرشان ٿينديون آهن ۽ ڪيترن ئي خاندانن ۾ انهن لاءِ ننڍپڻ ۾ ئي رشتا طلب ڪيا ويندا آهن، جنهن جو اثر انهن ڇوڪرين تي به پوندو آهي ۽ سندن تعليم تي ڌيان نه ٿو ڏئي ۽ ان ڪري کين مستقبل ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو اسان جو اسلام چوي ٿو ته هر ڇوڪريءَ جي شادي ڪرڻ گهرجي ڇو ته اها ماءُ پيءُ تي بار آهي پر اسلام اسان کي اهو به ٻڌائي ٿو ته ٻارن کي ايتري تعليم ڏيو ته کين مستقبل ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوي ۽ انهن جي شادي به انهن جي رضامندي سان ٿيڻ گهرجي، ڇو ته هن ڇوڪريءَ کي پنهنجي مستقبل جي زندگي اڪيلو ئي گذارڻي آهي، نه ته ان ڇوڪري جي والدين کي. اسان ڄاڻون ٿا ته هڪ عورت پنهنجي زندگي اڪيلو نه گذاري سگهي ٿي. پر پوءِ به جيڪڏهن عورت جي زبردستي شادي ڪئي وڃي ته هن دنيا ۾ پوءِ به ڪٿي رهي سگهندي. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته عورتون اسان جي سماج ۾ وقار ۽ امن سان رهن ته اسان کي انهن تي زبردستي نه ڪرڻ گهرجي انهن کي پنهنجي زندگي جا فيصلا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي۽ جيڪڏهن ڌيءُ فيصلو پنهنجي والدين تي ڇڏي ٿي ته اهو والدين جو فرض آهي ته هو پنهنجي نياڻين جي شادي اتي ڪن جتي هو خوش هجن. پنهنجي نياڻي کي تعليم ڏيو، پنهنجي ڌيءَ کي بچايو عورت به ڪنهن کان گهٽ ناهي هن کي هن دنيا ۾ امن ڏياريو جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جي ڇوڪري محفوظ رهي ته ٻين جي نياڻين کي به بچايو .
زينب عطا محمد جکرو
يونيڪ ڪوچنگ سينٽر شڪارپور
