سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ راڳ جي سکيا جي مزاحمت ڪنداسين:مولانا تاج محمد ناهيون

ڄامشورو(ڊ ر) حڪومت بهتر ڪم ڪري پئي خارجه پاليسي چين سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن سان بهتر نموني موجودا حڪومت جي ڪوشش سان  لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آھن حڪومت جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش آھي ته مهنگائي تي ڪنٽرول ڪريون  ته جيئن عوام کي فائدو ملي سگهي ماڻھن جون تڪليفون گهٽجي سگهن  سيلاب جي ڪري پورو پاڪستان متاثر ٿيو حڪومت پڻ ڊسٽرب ٿي اگر اهيو واقعيو نه ٿي ها ته ڪافي حد تائين مهنگائي تي ڪنٽرول ڪري وڃي ها اليڪشن پنهنجي ٽائم تي ٿيندي اهڙو اظھار جمعيت علماء اسلام صوبائي سنڌ جي مرڪزي پريس ترجمان مولانا تاج محمد ناهيون جي ڄامشورو ۾ جي يو آئي اڳواڻ حافظ جميل احمد لغاري جي مدرسي ۾ صحافين سان وڌيڪ ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ راڳ جي سکيا واري اعلان جي مذمت ڪيون ٿا بلڪي مزاحمت ڪنداسين اها سنڌ جي تباهي ثقافت جي تباهي آھي پ پ حڪومت ڪرونا ۾ لاشن جا پيسا کاڌا ٻوڏ متاثرين جي امداد هڙپ ڪري وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي سنڌ سرڪار  جي ڪري تعليم  اسڪول اڳ ئي تباھ لڳا پيا آھن ڪوبه پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھائڻ لاء تيار نه آھي راڳ جي سکيا سان بي حيائي وڌندي ڪو ٻار تعليم پرائي نه سگهندو اسان اسڪولن مان فنڪار نه پر ڊاڪٽر انجنئير پيدا ڪرڻ گهرجن جنهن سان ٻار جو مستقبل سنوارجي اسان سنڌ جي تعليم تباھ ٿيڻ نه ڏينداسين سنڌ حڪومت امن امان بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي بدامني وڌي وئي اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ جو امن امان بحال ڪيو وڃي ته جيئن عوام امن سڪون جي زندگي گذاري سگهن,ان موقعي تي جي يو آئي ضلعي امير مولانا محمد قاسم خاراني عبدالمالڪ ٽالپر مولانا سڌير احمد حافظ جميل احمد لغاري رند ذوالفقار چانڊيو ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں