عمران خان پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو چيو ته هڪ منٽ جي به دير نه ٿيندي: پرويز الاهي

لاهور (بيورو) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي چيو آهي ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جو چوندو ته هڪ منٽ جي دير نه ٿيندي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ پرويز الاهي چيو ته پنجاب حڪومت عمران خان جي امانت آهي، عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جو چوندو ته هڪ منٽ جي دير نه ٿيندي، استعيفائون ڏنيون سين ته شهباز شريف جي 27 ڪلو ميٽرن جي حڪومت 27 ڪلاڪ به نه هلندي. هن چيو ته الله پاڪ عمران خان کي نئين زندگي ڏني آهي، راولپنڊي جلسي ۾ عمران خان جي سياسي حڪمت عملي فيصلائتي رائونڊ ۾ داخل ٿي وئي، صوبائي اسيمبلين مان استعيفائون ايندي ئي پي ڊي ايم جو جعلي اتحاد به ڇڙوڇڙ ٿي ويندو. سندس چوڻ هو ته ن ليگ وارا ڪوڙ ڳالهائڻ کان نٿا مڙن، توهان سان چونڊن جو اهڙو حشر ٿيندو جو توهان جا نسل به ياد رکندا، هن ملڪ ۾ دين جي حڪمراني هوندي، اهڙا ڪم ٿيندا، جنهن سان غريب ۽ ان جي ٻارن کي فائدو ٿيندو، ان جي شروعات پنجاب مان ٿي چڪي آهي، روز هڪ نئين شئي نظر ايندي، جنهن جو فائدو غريب کي ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں