اسلام آباد (م ڊ) تڪراري ٽوئٽس ڪرڻ جي معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر اعظم سواتي کي ٻيھر گرفتار ڪيو ويو آھي. ذريعن موجب اعظم سواتي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ھئي، ان کي ادارن خلاف تڪراري ٽوئٽس تي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سائبرڪرائم گرفتار ڪيو آھي. ايف آءِ اي اعظم سواتي کي چڪ شھزاد جي فارم ھائوس تان گرفتار ڪيو آھي، پي ٽي سينيٽر پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن کي سوشل ميڊيا تي گاريون ڏنيون ھيون. سوشل ميڊيا تي تڪراري بيان ڏيڻ جي الزام ۾ ٻيهر گرفتار ٿيندڙ پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو. ايف آءِ اي اختيارين طرفان اعظم سواتي کي ايف ايٽ ڪچهري ۾ ڊيوٽي مئجسٽريٽ وقاص احمدر اجا جي روبرو پيش ڪيو ويو، ڊيوٽي مئجسٽريٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو ٻڌائيندي اعظم سواتي کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو. اعظم سواتي جي پيشي جي موقعي تي شاهه محمود قريشي، بابر اعواڻ، شهزاد وسيم ۽ عمران اسماعيل به عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا، بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري اعظم سواتي جي وڪالت ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي جاچ آفيسر چيو ته ڪجهه تڪراري ٽوئيٽس آهن، جنهن سبب اعظم سواتي کي گرفتار ڪيو ويو، اعظم سواتي مڃي رهيو آهي ته هن ٽوئيٽ ڪيا، ٽوئيٽر اڪائونٽ ريڪور ڪرڻو آهي، موبائل ۽ سامان ريڪور ڪرڻو آهي. اعظم سواتي جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته منهنجي اصيل جي حياتي کي خطرو آهي، سندس طرفان عدالت ۾ حفاظت جو بيان رڪارڊ ڪرايو ويندو. ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر طرفان اعظم سواتي جي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي وئي هئي. ٻئي طرف پيمرا سوشل ميڊيا تي تڪراري بيان ڏيڻ تي اعظم سواتي جي تقرير، پريس ڪانفرنسز يا پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سوشل ميڊيا تي تڪراري بيان ڏيڻ تي گرفتار پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعظم خان سواتي جي تقرير، پريس ڪانفرنس يا پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پيمرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پ پ اڳواڻ اعظم سواتي 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ثبوتن کانسواءِ ادارن تي الزام هنيا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽر اعظم خان سواتي جي تقرير، پريس ڪانفرنس يا پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. پيمرا جي پڌرائي موجب حڪمن جي ڀڃڪڙي تي شوڪاز نوٽيس کانسواءِ ٽي وي چينلز جا لائسنس معطل ڪيا ويندا. ياد رهي ته ايف آءِ اي رات دير سان اسلام آباد مان پي ٽي آءِ اڳواڻ کي گرفتار ڪري مٿس سائبر ڪرائم جي تحت ڪيس داخل ڪيو هو.
