لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ مولڻ شاهه جي رهواسين پاران بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ثابت علي شاهه، غلام رضا شاهه، امير علي شاهه، غلام شبير شاهه، اختيار علي شاهه ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته بااثر عبدالجبار شيخ، معشوق علي شيخ، منور علي شيخ، محبت علي ۽ سندن ٻيا مائٽ 1988 کان اسان جي 18 ويسا پلاٽ تي قبضو ڪرڻ بعد هاڻي اتي فصل جو وليون رکي ٿريشر هلائي رهيا آهن جتي دز ۽ مٽي جي ڪري اسان کي مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون انهن خلاف ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو توڙي معززن کي شڪايت ڪئي بعد ۾ انهن وليون نه رکڻ جي خاطري ڪرائي هينئر هو وليون رکي اسان کي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان 111 سالن کان ڳوٺ ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺا آهيون ۽ اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي پر ان جي باوجود بااثر اسان کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهيا آهن جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں