نوشهروفيروز( ڊ ر) موٽروي ميگا اسڪينڊل جي ايف آئي اي شھيد بينظير آباد پاران جاچ تيز ڪئي وئي آھي. جڏھن ته سنڌ بئنڪ جا 3 عملدار گرفتار ڪيا ويا آھن. آھي عملدار ايف آئي اي شھيد بينظير آباد پاران گرفتار ڪيا ويا آهن. گرفتار ٿيلن ۾ سنڌ بئنڪ جو مئنيجر مختيار علي چانڊيو ۽ اسسٽنٽ عطا محمد سھتو، ذيشان لاڙڪ شامل آھن. گرفتار ڪيلن کي رمانڊ لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ ڀريا مان ورتو ويو آھي. رمانڊ 10 ڏينھن جو ورتو ويو. ٻئي پاسي ميگا ڪرپشن ڪيس اين ايڇ اي جي جي ايم جي درخواست ڪيو ويو آھي. ڪيس ايف آئي اي، شھيد بينظير آباد پاران داخل ڪيو ويو آهي جنھن ۾ گرفتار ڄاڻايلن سميت فرار ٿيل ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز تاشفين عالم کي شامل ڪيو ويو آھي.ٻئي طرف موٽروي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل بابت چيف سيڪريٽري سنڌ پاران جوڙيل پهرين ٻه رڪني جاچ ٽيم پنهنجي ابتدائي رپورٽ چيف سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي رپورٽ ۾ موٽر وي ايم سڪس لاءِ نوشهرو فيروز مان زمين خريد ڪرڻ واري معاملي ۾ وڏي ڪرپشن ۽ انتهائي سنگين بيقاعدگيون ظاهر ٿيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ بئنڪ نوشهرو فيروز برانچ ذريعي 3 ارب 40 ڪروڙ گهوٻيون سامهون آيون آهن. جنهن ۾ ٽوٽل 9 چيڪ بوڪ استعمال ڪيا ويا ۽ 853 چيڪ ڪيش ڪرايا ويا. ضلع نوشهروفيروز جي لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جو ڪوبه اڪائونٽ ناهي کوليو ويو. ٽيم 20 نومبر تي سنڌ بئنڪ جو دورو ڪيو. جتي بئنڪ مئنيجر پاران کاتيدارن سميت بئنڪ کان ورتل ايڊوانس جو تفصيل فراهم ڪيو ويو. جنهن مان خبر پئي ته بااثر کاتيدارن کي ايڊوانس رقم جاري ڪئي وئي. ٽيم موجب جاري ڪيل رقم جي چيڪن جي بچيل حصي تي ڊي سي يا لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جي صحيح ٿيل ناهي. ڪجهه چيڪ هڪ کان وڌيڪ کاتيدارن کي ڏنا ويا آهن. چيڪن تي قانون جي ابتڙ لينڊ اڪيوزيشن آفيسر بجاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت ۾ صحيحون ٿيل آهن. ڪيترن کاتيدارن کي صرف 10 هزار روپين جا چيڪ ڏئي خاموش ڪرايو ويو. فائيڊنگ رپورٽ موجب سنڌ بئنڪ نوشهروفيروز برانچ جي مئنيجر رڪارڊ پيش ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر بئنڪ کان موٽروي لاءِ زمين خريداري جي مد ۾ ايڊوانس رقم ورتي جڏهن ته ايڊوانس ورتل رقم بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ رڪارڊ ئي موجود ناهي. ان کان سواءِ جيڪي چيڪ جاري ڪيا ويا آهن اهي ڪراس چيڪ ناهن. ٽيم اهو به انڪشاف ڪيو ته ٻاهرين ملڪ ويٺل ماڻهن ڏانهن رقم موڪلي وئي، اهي ماڻهو صرف ٻن ملڪن ۾ رهن ٿا. پر ٽيم انهن ماڻهن کي واضح ناهي ڪيو. رپورٽ موجب رڪارڊ مليو آهي ته سڄي ڊيل لينڊ اڪيوزيشن آفيسر بجاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت ۾ ڪئي وئي آهي ۽ قانون موجب ڊپٽي ڪمشنر ۽ لينڊ اڪيوزيشن آفيسر جي الڳ الڳ حيثيت آهي. جڏهن ته موٽروي زمين جي خريداري اين ايڇ اي جي گائيڊ لائين کانسواءِ ڪئي وئي ۽ تمام وڏي رقم نوٽري پبلڪ جي افيڊيوٽ جي عام صحيح جي ذريعي ڪئي وئي. ڪجهه کاتيدارن کي ادائگي صرف پاور آف اٽارني ذريعي ڏني وئي. ڊپٽي ڪمشنر سمورا ڪاغذ تپيدارن جي سڃاڻپ کانسواءِ ڪيا. جڏهن ته مري ويل کاتيدارن جا پئسا صرف هڪ سئو واري اسٽامپ تي ڏنا ويا ان لاءِ فوتي کاتو گهربل هوندو آهي پر ان کي لازمي نه سمجهيو ويو. ٽيم موجب ڪجهه رڪارڊ اهڙو آهي جيڪو آفيس ۾ موجود ئي ناهي.. ب فارمن جو رڪارڊ ناهي، سروي ۽ سيٽلمينٽ جا ڪاغذ غائب آهن. اين ايڇ اي، تپيدارن ۽ کاتيدارن جي گڏيل ماپ وارو رڪارڊ موجود ناهي، نوٽيسن وارو رڪارڊ غائب ڪيو ويو آهي. خانگي ۽ سرڪاري ملڪيت جو رڪارڊ ناهي. اڪائونٽ بوڪ، رسيدون ادائيگن جو رجسٽر به غائب ڪيو ويو آهي. بئنڪ مئنيجر سان لک پڙهه ۽ گورنمينٽ ٽئڪسن جو رڪارڊ به ٽيم کي ناهي مليو. ٽيم وڌيڪ جاچ لاءِ ٻي ٽيم جوڙڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي. ٽيم ۾ لوڪل گورنمينٽ جو اسپيشل سيڪريٽري نور احمد سمون ۽ سيد عطا شاهه شامل هئا.
