نوابشاهه(ڊ ر) آءِ بي اي سکر پاران پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن سنڌ حڪومت پاران پنھنجي من پسند علائقن کي ھارڊ ايريا قرار ڏيڻ خلاف راشد خاصخيلي، آصف جمالي، سميع الله ميمڻ، احمد جمالي، محمد نواز ڀنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ آھيون جڏھن ته سنڌ حڪومت پاران ھارڊ ايريا وارن کي 33 کان 39 مارڪن تي پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو جڏھن ته اسان جو علائقو به ھارڊ ايريا ۾ اچي ٿو جڏهن ته سنڌ حڪومت صرف پنھنجي من پسند علائقن کي ھارڊ ايريا قرار ڏئي رھي آھي جيڪا اسان سان ناانصافي آهي، ھنن چيو ته ھڪ سنڌ ۾ ھڪ پاليسي ھجڻ گھرجي ليڪن سنڌ حڪومت ايم ڪيون ايم جي واٽ تي ھلندي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جي سازش ڪري رهي آهي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي علائقن جي ھارڊ ايريا قرار ڏنو وڃي ته جيئن اسان کي پنھنجو حق ملي سگھي.
