ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊوآدم ۾ انصاري برادري جي چيئرمين ارشاد علي انصاري پاران پ پ اڳواڻ علاوالدين جوڻيجو جي اعزاز ۾ دعوت جو اھتمام ڪيو ويو جنھن ۾ صابر انصاري، طارق انصاري، ياسين فاروق انصاري، افتخار انصاري سميت انصاري برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي انصاري برادري پاران پ پ اڳواڻ علاوالدين جوڻيجو جو شاندار استقبال ڪيو ويو کيس سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ، گلن جا ھار پارايا ويا تقريب کي خطاب ڪندي ارشاد علي انصاري چيو ته پ پ اڳواڻ علاوالدين جوڻيجو ۽ جوڻيجو خاندان سان اسان جا پراڻا واسطه آھن علاوالدين جوڻيجو ھميشه اسان کي عزت ڏني آھي پاڻ خوش اخلاق، ملنسار ۽ بھترين ڪردار جو مالڪ آھي سندس شخصيت کان متاثر ٿي برادري پاران سندس اعزاز ۾ دعوت ڪئي وئي آھي اميد آھي ته علاوالدين جوڻيجو ۽ سندس خاندان انصاري برادري سان پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪندا ان موقعي تي پ پ اڳواڻ علاوالدين جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته ٽنڊوآدم جي انصاري برادري تمام وڏي برادري آھي جنھن ھميشه اسان کي عزت ڏني آھي اسان سندن شڪرگذار آھيون ھن چيو ته انصاري برادري جا جيڪي به جائز مسئلا آھن انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين منھنجا دروازه 24 ڪلاڪ کليل رھندا ھن چيو ته جوڻيجو خاندان ھميشه ٽنڊوآدم جي عوام جي خدمت ڪئي آھي ۽ عوام جون دليون کٽيون آھن ۽ آئنده به عوام جي خدمت ۾ پوئتي نه ھٽنداسين تقريب ۾ وڏيري عمران جوڻيجو، وڏيري عرفان جوڻيجو، خدابخش جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي،
