پرويز الاهي سمجهدار آهي، هو قسمت سان وڏو وزير ٿيو آهي، استعيفيٰ نه ڏيندو: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته  تمام جلد ڪراچي کان جديد، سستي ۽ ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪئي پئي وڃي ، جنهن کي سنڌ جي ٻين وڏن شهرن تائين پڻ وڌايو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ان منصوبي تي سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي، ان کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي، ڇو ته اوبر ۽ ٻيون ٽيڪسي سروس عوام کي تمام گھڻيون مهانگيون پون ٿيون، اسان جي ڪوشش آهي ته شهرين کي سستي ٽيڪسي سروس مهيا ڪريون. هن اهڙو اعلان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان هلندڙ بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جي ڪم جي جائزي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پهرين اليڪٽرڪ بس سروس هتي شروع ڪئي وئي ۽  هاڻي ماحول دوست بايو گيس تي هلندڙ بي آر ٽي ريڊ لائين تي ڪم هلندڙ آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ کاتي پاران اورينج لائن ۽ پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي آهي. جلد ئي عوام لاءِ اليڪٽرڪ بس سروس شروع ڪئي ويندي. عمران خان جي اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ تي هن چيو ته استعيفيٰ ڏيڻ واريون ڳالهيون عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي سازش آهي، ڪالهه عمران خان اليڪشن جي تاريخ وٺڻ لاءِ آيو ھو يا استعيفيٰ ڏيڻ آيو هو. هن چيو ته جيڪڏهن استعيفيٰ ڏيڻي آهي ته پوءِ عمران خان کي جرئت ڪرڻ گهرجي، استعيفيٰ ڏيڻ جي شروعات صدر عارف علوي کان ڪري ۽ کيس آڄ ئي ( آچر) تي کائنس استعيفيٰ ڏياري. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ساڍي 3 سالن جي دور حڪومت ۾ عوام جي سهولت لاءِ هڪ به منصوبو نه ڏنو، رڳو سياسي مخالفن کي دٻائڻ ۾ سڄو وقت ضايع ڪيو. هاڻي هو چاهي ٿو ته موجوده اتحادي حڪومت به ڪم نه ڪري. هن چيو ته عمران خان جي ون پوائنٽ ايجنڊا آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح پاڪستان کي نقصان پهچائي. ڪالهوڪي جلسي  ۾ ٻيھر ھنن ادارن کي نشانو بڻايو آهي،  عمران خان جو اھو سياست ڪرڻ جو  انداز  پاڪستان لاءِ سٺو ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرويز الاهي سياڻو آهي، کيس اقتدار قسمت سان ملندو آهي. ھن ڀيري پرويز الاهي حادثاتي طور سان پنجاب جو وڏو وزير بڻجي ويو آهي، هو عمران خان جهڙي بيوقوف جي چوڻ تي ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں