پکو ۾ ڪار ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر، هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

پکو (ن س) پکو ۾ ڪوھيڙي سبب ڪار ۽ ٽريڪٽر ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو آھي رتوديرو واسي پنج ڄڻا فوت ٿي ويا ان حوالي سان صبح سوير پکو ٿاڻي جي حد ڳوٺ خيرپور جوسو وٽ مين انڊس ھاءّ وي روڊ تي ڪوھيڙي سبب ڪراچي کان ايندڙ تيز رفتار مھراڻ ڪار اڳيان ويندڙ ٽريڪٽر سان ٽڪرائجي وئي جنھن جي نتيجي ۾ 50 ساله مٺل شاھ ۽ 45 ساله عظيم شاھ ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته 25 ساله سيد اسماعيل پُٽ اڪبر شاھ 7 ورھين جي ٻارڙي منتشا ڌيءُ علي محمد شاھ ۽ 40 ساله مسمات صابره زال عظيم شاھ ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور ڪاشف ميئو سخت زخمي ٿي پيا جن کي پکو پوليس پھچي بروقت لاڙڪاڻي اسپتال پھچايو جتي زخمي ٿيل ڪار سوار سيد اسماعيل شاھ ٻارڙي منتشا شاھ ۽ عورت صابره شاھ زخمن جا تاب نه سھندي دم ڏنو اھڙي اطلاع تي فوتين جا وارث ۽ رشتيدار وڏي تعداد ۾ اسپتال پھتا ۽ روڄ راڙو مچي ويو جڏھن ته اسپتال انتظاميه ضروري ڪاروائي بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا جن کي ڳوٺ نبي شاھ وڳڻ نيو ويو ٻئي طرف پکو پوليس واقعي ھنڌ تان حادثي جو شڪار ڪار ۽ ٽريڪٽر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آھي جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نٿي چڪو ھو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں