ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته امن امان قائم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، گهوٽڪي ۾ پوليس مغوين کي ڇڏائڻ وئي هئي، جتي ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ پنج پوليس آفيسر ۽ جوان شهيد ٿيا. هن اها ڳالهه سومر تي سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي ميمبمر نندڪمار گوڪلاڻي جي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي چئي. نندڪمار جو چوڻ هو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي. صوبي ۾ امن امان جي مد ۾ سرڪاري خزاني مان ساليانو 120 ارب رپيا خرچ ٿي رهيا آهن پر پوءِ به حالتون خراب آهن. مراد علي شاهه چيو ته پوليس وارن کي شهيد ڪرڻ ۾ ملوث هڪ ڏوهاري کي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي. سنڌ پوليس ڌاڙيلن کي چٿڻ لاءِ وڏي بهادري سان ڪم ڪري رهي آهي، گذريل سوا سال دوران شڪارپور ۾ 29 ڌاڙيلن کي ماريو ويو، شڪارپور ۾ 63 مغوي بازياب ٿيا. ڪشمور ۾ 23 ڌاڙيلن کي پوليس ماري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير ياد ڏياريو ته 2007 ۾ سکر کان لکي شڪارپور تائين وڃڻ لاءِ آرمي اسڪارٽ جي ضرورت پوندي هئي پر هاڻي سنڌ ۾ ڪٿي به نوگوايريا نه آهي.
