حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ريجهنل آفيس حيدرآباد پاران پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ سالياني اسسمنٽ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اسڪولن جي آپريٽرن ۽ هيڊ ٽيچرس جي مڃتا ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام ۾ حيدرآباد جي محتسب اعلي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي.سيف جي ريجنل هيڊ نواب ظفر، ڊسٽرڪٽ هيڊ حيدرآباد اياز جروار، ڊسٽرڪٽ هيڊ جامشورو عطيا امتياز، سيف حيدرآباد جي ٽيم ۽ اسسمنٽ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ ڄامشورو جي آپريٽرن ۽ هيڊماستر شرڪت ڪئي. پروگرام کي خطاب ڪندي سيف جي ريجنل هيڊ چيو ته فائوڊشن سنڌ ۾ پٺتي پيل علائقن ۾ معياري تعليم جي فراهمي لاءِ جاکوڙي رهي ۽ اسسمنٽ فائونڊيشن جي معياري تعليم واري فريم ورڪ جو اهم جز آهي. حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ هيڊ خطاب ڪندي زور ڀريو ته اسسمنٽ جي نتيجن کي بهتر کان بهترين ڪرڻ لاء سڀني ڀائيوارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ان لاءِ فائوڊشن اهڙي قسم جون گاڏجاڻيون سيمينار ڪندي رهندي ته جيئن استادن ۽ آپريٽرن کي رهنمائي مهيا ڪري سگهجي. آخر ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اسڪولن جي پائيورن ۾ مڃتا ها سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، ۽ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن کي ٽرافيون پڻ تقسیم ڪيون ويون.
