حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جو اعلىٰ سطحي اجلاس ٻئي ڏينهن به حيدرآباد ۾ چيئرمين هائوس تي جاري رهيو اجلاس محاذ سربراه رياض علي چانڊيو جي صدارت ۾ جاري رهيو اجلاس ۾ برسات ٻوڏ ۽ ملسلسل انڌوناڪ روڊ حادثن ۾ فوت ٿيل سنڌ واسين لاء ايوان اٿي بيهي 5منٽن جي تعزيتي خاموشي ڪئي. ۽ چيو ويو جولاء ۾ برسات .ٻوڏ سبب وبائي بيمارين ۾ جيڪي هزارين ماڻھو مئا آھن ۽ لکين بي گهر بڻيا آھن انهن جا زميوار . مراد شاه .بلاول زرداري شھباز شريف ۽ مولانا فضل رحمٰن آھن . مٽياري ۽ نوشھري جي ڊي سين جيڪا ڪرپشن ڪئي آ سنڌ ۾ اها عوامي خزاني جي ڦرلٽ واري بازار 15 سالن کان وٺي صحت .تعليم .روڊ .ايريگيشن مطلب ته هر اداري توڙي اهو ادارو سنڌ حڪومت جي ماتحت هجي يا اسلام آباد جي ماتحت هجي اتي چوري ۽ سينا زوري جي بازار لڳل آھي . ڪو احتصاب ۽ پُڇاڻو ڪونهي ته ڪو عوام جو خزانو لٽيندڙن کي روڪي سگهي . هن فيڊريشن ۾ سنڌ لاقانونيت ۽ روشوت خوري جو مرڪز بڻيل آھي جتي شھرين جي سمورن انساني حقن جي توھين ڪئي ٿي وڃي . پر سنڌ واسي . انصاف. ترقي ۽ غير ملڪين جي نيڪالي تي پنهنجي جدوجهد جاري رکيو پيا اچن اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون . غيرقانوني طرح قبضو ڪري ميگا لينڊ گيريبرز جي حوالي ٿينديون رهيون آھن جتي غيرملڪين کي ڪراچي . حيدرآباد . ڄامشورو ۾ ته آباد ڪيو ٿو وڃي پر اتي مقامي رهواسين جو سموريون وسنديون مسمار ڪيون ٿيون وڃي . ان سڄي زمين تي ڏاڍ. ولار ۽ ڌاري آبادڪاري کي آباد ڪرڻ ۾ منظم رٿا تحت زرداري مافيا ۽ ملڪ جا طاقتور حڪمران ملوث آھن .اجلاس ۾ مذهبي ڌارين طرفان سنڌ راڳ رنگ ۽ سر سنگيت تي بندش فتوىٰ جاري ڪرڻ واري معملي تي چيو ته سنڌ رواداري . سڀني مذهبن جي احترامن ۽ ساري انسان ذات سان محبت ڪندڙ ديس آھي اتي سرڪاري آشرواد زريعي مذھبي انتها پسندي ۽ مليت کي مڙھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا اجلاس ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي باڊي جو مدو پورو ٿيڻ تي 3 رڪني اليڪشن ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جو چيف آرگنائيزر مصطفىٰ عمراڻي آرگنائيزر عمران منگي ۽ باغي ڪالرو چونڊيو ويو
