دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو ۾ 5 ڏينهن اڳ ٿاڻو اي سيڪشن عزيزآباد ڪالوني ۾ 5 ڏھاڙا اڳ علي بخش ابڙو جي گھر اندر نوجوان شادي شده ناري ٻن معصوم ٻارن جي ماءُ فرحانه زال اسد ابڙو قتل ٿيڻ وارو معامرو، ناري جي مڙس پورھيت اسد ابڙو سھري علي بخش ابڙو پنھنجي ڌيئرن سويرہ، حنا، ثناءُ، صاحب خاتون، عرفان،. مٺو ابڙو ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري دادو پريس ڪلب آڏو پاڪ ڪتاب کڻي اي سيڪشن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي ميڊيا سامھون پاڪ ڪتاب تي روئيندي حلفي بيان ڏنو ته واقعي واري رات اسان جي گھر ۾ اڻسڃاتل چور داخل ٿيا ته عورتن جي دانهن تي چورن فائرنگ ڪري فرحانه کي قتل ڪيو ۽ مرد گھر ۾ دير سان پھچڻ ڪري پوليس کي صبح اٺين بجي اطلاع ڪيوسين واقعي سبب عورتون مرد بيھوش ٿي ويا ۽ وڊيو بيان پوليس صحيح نه ورتا انڪري اسانجي قتل ٿيل عورت جو ڪيس به سس زرينہ خلاف داخل ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر غلط آهي، مقتولا عورت جي مڙس اسد ابڙو چيو ته مون ڪڏهن به گھرواري تي تشدد نه ڪيو آهي نه وري پٽ جي اولاد لاءِ چيو زال ماسات ھئي، پوليس اسان جي عورتن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آھي،روز گھر ۾ گھڙي ٿاڻي تي آڻي تذليل ڪئي پئي وڃي، مظاھرين پاڪ ڪتاب کڻي آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو کان مطالبو ڪيو ته مقتولا جي ماءُ شبانہ ڪوڙو ڪيس پنھنجي ڀيڻ زرينہ تي داخل ڪرايو آھي،فورن واقعي جي شفاف جاچ ڪري اسان خلاف داخل ڪيل ڪيس ختم ڪري گرفتار پيرسن زرينہ کي آزاد ڪيو وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.
