ميرپور ماٿيلو(ن س) ڪجھ ڏينھن اڳ رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ شھيد ٿي ويل ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر ايس ايڇ او دين محمد لغاري پوليس اھلڪار جتوئي پتافي پوليس اھلڪار سليم چاچڙ جي شھادت واري واقعي بعد سنڌ حڪومت ۽ آء جي سنڌ پوليس جي ھدايتن تي گھوٽڪي ضلعي جي ھڪ درجن جي لڳ ٿاڻن جي پوليس جي جوڌن جوانن پاران ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو جي اڳواڻي ۾ گزريل ڏينھن رائونتي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ قابل شر تي چڙھائي درجنين ڏوھارين جي گھرن کي باھيون ڏيئي ڏوھارين کي چٿڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب ڪيترائي ڏوھاري پنھجا ٺڪاڻا ڇڏي فرار ٿي ويا جنھن بعد پوليس ۽ ڏوھارين ۾ سمورو ڏينھن وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو ان سلسلي ۾ پوليس پاران ذريعن پاران دعوي ڪئي وئي آهي ته پوليس جي فائرنگ ۾ فتو شر يارو شر سميت ٽي انعام يافتہ ڏوھاري زخمي ٿيا آهن جن کي ڏوھاري کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏھن ته آپريشن ۾ آر آر ايف رپيڊ ريسپانس فورس ڪراچي پوليس جا ڪمانڊوز پڻ حصو وٺي رهيا آهن جڏھن ته آخري اطلاعن تائين تائين پوليس ۽ ڏوھارين م وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو ھلندڙ ھيو ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پوليس جي موثر ڪارواين سبب ڏوھارين جا حواس باختا ٿي ويا آھن جنھن سبب سوشل ميڊيا تي دانھون پيا ڪن ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شھادتون پوليس جو ڏاج آھن ھاڻ ڏوھارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو ھوڏانھن سوشل ميڊيا تي ڌاڙيلن پاران راڪيٽ لانچر جي استعمال سبب اي بي سي چين جو ھڪ حصو تباھ ٿي ويو جنھن جا ٽڪڙا کڻي ڌاڙيلن سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندي چيو آهي ته پوليس زيادتيون ڪري رھي آھي جنھن جا نتيجا انتھائي خراب نڪرندا..
