ايڊووڪيٽ سيد حماداللہ شاھ
سنڌ جي ارڏي ۽ دلير انسان مذھبي ۽ قومي سياسي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي 29 نومبر 2014 تي سکر جي مسجد ۾ صبح جو فجر جي نماز پڙھندي ٽارگيٽ ڪري شھيد ڪيو ويو. اي ڌرتي تنھنجي سيني تي ٿا ڪيڏا ڪيڏا ڪيس ٿين: ھر روز ماکي کان به مٺڙا ماڻھو ٿا ڦٿڪي ڦٿڪي ساھ ڏين.
ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ جو سورھيہ، ارڏو ۽ دلير حق ۽ سچ جو سپوت هو. شھيد سنڌ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شھادت سان سنڌ کي تمام وڏو نقصان پھتو ڇو تہ ڊاڪٽر صاحب سنڌ ۽ سنڌ وارن جي لاءِ ھر فورم تي پنھنجو شفاف ۽ چٽو موقف رکيو، سنڌ جي بقا، سنڌ جا سمورا جائز حق گهرڻ، ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو هجي، ٿل ڪينال جو مسئلو هجي، سنڌ ورهائڻ جون سازشون ھجن، آدم شماري جو مسئلو ھجي، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ھجي، سنڌ جي معدني ۽ قدرتي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ جي ڳالھ ھجي، ڪوٽا سسٽم جو مسئلو، بي روزگاريء جو مسئلو ھجي، سنڌ جا اندروني قبائلي جھيڙا يا اختلاف ھجن، سنڌ ۾ ٻٽو نظام ھجي، اقليتي برادرين سان ٿيندڙ زيادتيون ھجن، سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي مالڪيءَ جو مسئلو ھجي، اسلامي نظام جو مسئلو ھجي يا ختم نبوت جو مسئلو ھجي، ھر فورم تي اسٽيج کان وٺي سينيٽ جي ايوان تائين انگن اکرن سان گڏ شينھن وانگر گجگوڙ ڪري ھر محاذ تي دلين جي ٻوليءَ ۾ للڪاريندو ۽ وڙهندو رهيو.شھيد علامہ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو اھو عالم دين هو جنھن تي سنڌ واسي ۽ سنڌ ھميشه فخر ڪندي رهندي. جنھن جو آواز جڏهن پارليامينٽ ۽ عوامي اجتماعن ۾ گونجندو ھو تہ فقط اسلام جي قانون لاءِ ۽ پنھنجي ڏتڙيل سنڌ واسين ۽ سنڌ ڌرتيءَ لاءِ گونجندو ھو. ڊاڪٽر صاحب جڏهن سينيٽ جو ميمبر چونڊجي آيو تہ پھريائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ سبئي سنڌي اخبارون جاري ڪرايائين، ان کان پھريان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ اخبارون نه پهچنديون هيون. اھڙا عظيم انسان صدين گذرڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تي جنم وٺندا آهن. شھيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومري قرآن، حديث، فلسفو، منطق، سائنس، تاريخ، سياست، ادب ۽ شاعريءَ ۾ اعلي مقام ھو. سندس شھادت سان سنڌ جي ھڪ اڻ کٽ يونيورسٽي بند ٿي وئي آھي.شھيد سنڌ علامہ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ھميشه سنڌ جي مسئلن تي ڳالهايو، سندس ڪردار ۽ موقف ماکئ جھڙو مٺو ۽ کير جھڙو اڇو اُجرو ھيو. سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙن خلاف ھميشه سخت لھجن ۾ ڳالھائيندو رھندو ھو. ھي سنڌ جو حلالي پٽ، شھيد اسلام علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سينيٽ کان وٺي عوامي اجتماعن، جلسن، جلوسن ۽ گڏجاڻين ۾ دليلن سان ڳالهائيندو رهيو. ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سنڌ جي 100جيد عالمن جي فتوا مرتب ڪري وڏي جرئت ۽ بھادرئ سان آمر حڪمرانن کي للڪاريو ۽ چئلينج ڪيو تہ جيڪڏهن توھان وٽ ھن فتوا جو ڪو رد آهي تہ ميدان تي آڻيو. سنڌ جي مشھور درگاهن جي گادي نشينن، پيرن ميرن، سردارن ۽ جاگير دارن، قوم پرستن ۽ سياست دانن کي حيدرآباد جي پريس ڪلب تي گڏ ڪري ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سيمينار ڪرائي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو. ۽ وقت جي حڪمرانن کي للڪاريو تہ جيڪڏهن توھان ڪالاباغ ڊيم جو نالو تبديل ڪري مڪو يا مدينو رکو تہ بہ اسان کي قبول نہ آهي. اھو گجگوڙ جو آواز، اھا للڪار، اھي رڙيون سنڌ جي دلير ۽ حلالي پٽ، شھيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جون هيون. جيڪي اڄ به سٻاجهڙي سنڌ جي دلين تي نقش ٿيل آهن. سندس سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڄڻ ته ايمان جو حصو ھئي. ھن مرد قلندر اسلام دشمن قوتن ۽ سنڌ دشمن قوتن سان مھاڏو اٽڪايو. جنھن جي نتيجي۾ کيس سفاڪ ظالمن، امن جي ويرين شھيد ڪيو. شھيد ھميشه زنده رھندا آھن. علامه خالد محمود سومرو جي جاشينن علامه راشد محمود سومرو علامه ناصر محمود سومرو پنھنجي شھيد والد جي نقش قدم تي ھلندي سياسي سماجي معاشرتي خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آھن ھن وقت تي جمعيت علماء اسلام کي سنڌ ۾ مضبوط ۽ منظم ڪرڻ ۾ سندن ڏينھن رات جي محنت شامل آھي آزادي مارچ ڪراچي کان اسلام آباد تائين ھجي يا پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ملين مارچ ھجن هنن جوڌن سڄي ملڪ ۾ ڪارڪنن سميت خوب پاڻ پتوڙيو آھي سنڌ جي حقن جي حاصلات جو ميدان ھجي يا تازين برساتن ۽ ٻوڏ جو وقت ھجي ھي جوڌا سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جا ٻانھ ٻيلي ٿي ميدان ملھايو آھي ان سان گڏ پنھنجي شھيد والد جي قتل جي انصاف وٺڻ لاء 8 سالن کان ڪورٽن ۾ پيش ٿي رھيا آھن۔ جيتوڻيڪ شھيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ھميشه سنڌ واسين جي دلين ۾ زنده رھندو ليڪن اسان سنڌ واسين کي شھيد اسلام ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي شھادت تي فخر ضرور آهي پر سندس جدائي ۽ وڇوڙي جو ڏک ھميشه دلين ۾ رھندو.
آ مرڻو ھر ڪنھن ماڻھو کي
پر ايئن نه مرنداسين ساٿي
ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين
ڪو رنگ رچائي وينداسين.
