عمران خان جون سياسي ڦوڪون

رياض ابڙو
نه کيڏندم ۽ نه ئي کيڏڻ ڏيندم“ اصل ۾ عمران خان جي سياست جو مکُ نعرو اهو آ ڇو ته هيل تائين هن سياسي راند ۾ رڳو لڦڙبازي کان علاوه ڪجھ ڪيو ناهي جنهن تحت هن کي ميچوئر سياستدان سڏي سگهجي، يا لانگ مارچ جي شارٽ ٿيڻ تائين ماڻهن کي ان ڳالھ جو انتظار هيو ته هي واقعي ئي ڪو قوم کي سرپرائيز ڏيندو ڇو جو 26 نومبر جو ماڻهن کي وڏي شدت سان انتظار هيو پر لڳي ٿو ته هاڻي کيل ختم پائي هضم، ان ڪري جو يوٽرن وٺي وٺي هاڻي همراھ ٿڪجي پيو آ ۽ هاڻي ٻي ڳالھ نه ٿيس يا ڪجھ نه وريس ته هن پنهنجي ئي سرڪار کي ڪيرائڻ جي ڳالھ ڪري ڇڏي، ۽ هن جي اهڙي اعلان کانپوءِ اها ڳالھ واضع ٿي وئي ته هاڻي متان حمزاشهباز ۽ چودري پرويز الاهي جي اپريل وارو ”ايپيسوڊ“ وري ٻيهر هلي ۽ ان ڳالھ جو عوام کي انتظار رهندو ان ڪري ته ان وقت چودري شجاعت پاڻ پنهنجي ڏهن ميمبرن کي خط لکيو هيو ته اهي چودري پرويز الاهي جي حق ۾ ووٽ نه ڏين ان ڪري جو چودري شجاعت جو پٽ چودري سالڪ شهباز شريف جي سرڪار ۾ هڪ ايم اين آهي ان ڪري چودري شجاعت اهو وار نه گسايو هيو ۽ ساڳي تناظر ۾ هي چودري صاحب متان هاڻي پي پي ۽ نون ليگ جي اندر اندر يا علي اعلان ئي صحيح نون ليگ ۽ پي پي جي حمايت ڪندو جيڪڏهن پنجاب جو ڪو وزيراعلي ٿيندو ته اهو هن جو ئي پٽ هوندو ۽ ان ڳالھ جو فائدو گيم چينجر ۽ ڪنگ ميڪر زرداري وٺي ويو ۽ چودري شجاعت جي واتئون اها ڳالھ چورائي ويو ته هنن جا ميمبر چودري پرويز الاهي کي ووٽ نه ڪندا، ۽ هاڻي به اهي پي پي وارا ۽ نو ليگ وارا به ساڳي ڳالھ جي انتظار ۾ ويهي رهندا ته جيڪڏهن عمران خان واقعي اهو اعلان ساڀيان ڪري ۽ هن ڀيري يوٽرن نه وٺي ته اهي (نون ليگ ۽ پي پي جا اتحادي) پي ٽي آءِ ۽ قاف ليگ جي پنجاب ۾ حڪومت ڪيرائي وجھندا ۽ نون ليگ ۽ پي پي وارا اتحادين کي هڪ ڪري وري پنهنجي حڪومت ٺاهي ويهندا ۽ ممڪن آ ته ان سياست جي “گريوٽيءَ“ جي ڪري يا پي ٽي آءِ جي ڪمزورين جي ڪري اها ڳالھ ۽ ٽِرڪَ هاڻي ڪم ڪري وڃي.
لاهور مان شروع ٿيل لانگ مارچ جو اهو وچن هيو ته اهي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندا ۽ تيستائين ختم نه ڪندا جيستائين حڪومت اليڪشن جو اعلان نه ڪندي، پر ڳالھ اها به آهي ته اليڪشن ڪميشن کي عمران خان تڏهن ٿو مڃي جڏهن کٽي ٿو يا هي پاڻ 7 سيٽون کٽي ٿو ته اليڪشن ڪميشن صحيح آ پر جي اتي ٻه سيٽون پي پي کٽي يا هڪ سيٽ نون کٽي ته اتي ساڳي اليڪشن ڪميشن داغدار ٿي ٿي پئي، ان ڪري هاڻي جي وڏيون چونڊيون ٿيون ۽ عمران خان جي پارٽي ان پوزيشن ۾ آئي ته اهي مخلوط حڪومت ٺاهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه ملين يا عمران خان ڪلين سويپ نه ٿو ڪري سگهي (يا نه ڪري سگهندو) ته پوءِ ڇا عمران خان چونڊن جي يا اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي جي آجيان ڪيئن ڪندو يا اهي نتيجا قبول نه ڪندو، ان ڪري هن شخص جي آڏو رڳو ڪرسيءَ جو ڪيڏارو آ يا سڄو ڏينهن ان ڏک ۾ ورتل آ ته هن جي سرڪار ڇو وئي، ان ڪري بنا ڪرسي جي ويهڻ ۾ هن کي آرام ناهي، هي چئي ٿو ته جيڪا گهڙي آهي يا جيڪا حياتي اٿس اها ڪرسي تي ئي گذاري، ان ڪري اهڙي شخص وٽ اليڪشن ڪميشن جي ”ڪريڊبلٽي“ ڇا هوندي يا نتيجا قبول ڪرڻ به ڪرسي وڃائڻ هوندو نه قبولڻ به ڪرسي وڃائڻ، ان ڪري شيون هن جي حق ۾ ناهن يا اسٽبلشمينٽ جي شاطربازين ۾ هن ڳوٽ نه ٿي هلي سگهي ۽ هيل خان پنهنجي حرفتي سياست قبول نه ڪرائي سگهندو، ڇو ته هن جي نريٽو اڃان تائين ساڳو آ جيڪو مٽجي نه ٿو، مثال فوجي اسٽبلشمينٽ هن جي حق ۾ ناهي ته اهي هن جي نظر ۾ اسٽبلشمينٽ نيوٽرل ناهي، اهي ميرجعفر ۽ ميرصادق ٿي ٿا پون، يا آمريڪا جي ڪنسپائريسي رڳو هن جي لاءِ آ يا اهي هن جي سرڪار جي لاءِ خط ٿا لکن يا هي بيروني اثرن کي قبول نه ٿو ڪري ته پوءِ اهڙي سياسي طرز ۾ هي نه ٿو هلي سگهي جنهن ۾ ڪمپرومائيزز نه هجن يا جنهن ۾ مفاهمت نه هجي.
وري پنجاب جو وزيراعلي گذريل ڇنڇر (26 نومبر 2022) تي ان ڳالھ جي پڪ ڏئي چڪو آ ته پنجاب اسيمبلي نه ٽٽندي، ان ڪري جو ان ڳالھ کي اڃان ڪجھ مهينا ئي گذريا آهن ۽ پي ٽي آءِ جو اڳواڻ پنجاب سرڪار کي هلڻ نه ٿو ڏئي، ان ڪري اسيمبلي ٽورڻ واري ڳالھ گھٽ ۾ گھٽ پنجاب اسيمبليءَ کي پسند ناهي يا پنجاب سرڪار خان جا پيروڪار نه ٿيندا ته جيئن خان چئي تيئن ٿيندو، ان ڪري جو خان پاڻ جلسي ۾ ان ڳالھ جو اعلان ڪيو ته هو اها ڳالھ اڃان ڪي پي ۽ پنجاب جي وزيراعلي سان ڪندو ته اسميبليون ٽوڙيون يا نه، پر ان اعلان کان اڳ پنجاب جي وزيراعلي وٽ ان ڳالھ جو پڪو انڪار پيو آ ته اتي جيڪا پي ٽي آءِ جي مخلوط حڪومت هلي ٿي ان کي فوجي اسٽبلشمينٽ جو ڀرپور آشرواد به آهي ۽ ان ڳالھ تي خان جي پنهنجي حڪومت هلي وئي جنهن ۾ هن کي اسٽبلشمينٽ زور ڀريو هيو ته هو عليم خان کي پنجاب جو وزيراعلي ڪري ته خان ان ڳالھ کي ابتو ڪري پيش ڪيو هيو ته عليم خان تي ڪرپشن جا ڪيس آهن ان ڪري اهڙو وزيراعلي گھٽ ۾ گھٽ خان کي پسند ناهي ۽ خان جيڪو به ڪم ڪندو اهو پنهنجي مرضي سان ڪندو ۽ ان ڳالھ جي به کيس پڪ هئي ته جڏهن جهانگيرترين 46 وزير وٺي خان کي بليڪ ميل ڪيو هيو ته اهي الڳ ڌڙو ٺاهيندا ۽ انهن کي خان جي اڳواڻي پسند ناهي ته ان وقت خان جهڙو فصيح ۽ بليغ اڳواڻ انهن جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي ويو هيو ۽ جهانگيرترين تان ڪرپشن جا ڪيس، شنوايون ۽ ايف آءِ آر به واپس وٺي ڇڏي هيائين، ان ڪري هاڻي به ساڳي ڳالھ خان جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿي، پر خان وٽ فورن يوٽرن وٺڻ جو هڪ پائيدار حل هجي ٿو، يا هاڻوڪي صورتحال ۾ 3 نومبر تي خان جي مٿان هٿ ٺوڪيو حملو ٿيو جنهن جي پنجاب سرڪار ۾ همت ناهي ته اهي هن ويچاري جي ايف آءِ آر به ڪٽي سگهن يا آرمي چيف واري جي چونڊ ۾ هن جي هڪ نه ٻڌن ۽ ايتري تائين جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي به هن جي ضد کان نابري واري ته هو هن جي ڪا ڳالھ نه ٻڌندو ۽ سمريءَ تي صحيح ڪندو.
يا ”هاڻي ڪرپٽ ٽولي سان نه ٿٿو رهي سگهجي“ واري ڳالھ عمران خان جي ائين ڦوڪ ۽ هوائي فاير سمجهو ان ڪري هاڻي خان اهو پيو سمجهي ته هنن (شهبازشريف) جي حڪومت کي ڪيرائڻ نسبتن مشڪل ڪم آ، ان ڪري ته رياست سان نه ٿو ٽڪرائي سگهجي ڇو ته رياست جو پاور سياسي پارٽين جي ڀيٽ ۾ انتها درجي جو گھڻو هجي ٿو ۽ هاڻي بي سبب ڪنهن جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ نيون اليڪشن ڪرائڻ ڪا معمولي ڳالھ ناهي، ۽ ٻيو ته هاڻي ڏيوالي جهڙي صورتحال ۾ 45 ارب روپين کان وڌيڪ رڳو اليڪشن جي بي سبب خرچ کاٻارن ۾ پوڻ کان اڳ حڪومت بار بار ان ڳالھ جو سوچي ٿي ته جنهن غريب سرڪار کي هاڻي بجيٽ ڊيفيسٽ کي به منهن ڏيڻو آ، جنهن سرڪار جا ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا وڌي ويا هجن، يا جنهن حڪومت تي آءِ ايم ايف جا پريشر وڃن وڌندا ۽ ٻيو ته هاڻوڪي صورتحال ۾ هڪ درجي جي طوفاني صورتحال ۾ آرمي چيف جو چونڊجڻ به هن سرڪار يا فوجي اسٽبلشمينٽ جي لاءِ ڪنهن آزمائش ۽ پلصراط کان گھٽ نه هيو يا اهي سڀ مسئلا گڏجي سڏجي هاڻي به هن مخلوط حڪومت جي مٿي جو سور ضرور آهن ان ڪري حڪومت به چاهي پئي ته اهي عمران خان جي لانگ مارچ کي دٻڙ دئونس ڪري ڪنهن صورت سوڙهو ڪجي ۽ انهن احتجاجن کي شارٽ ڪري ان ڳالھ مان جان ڇڏائجي، يا اها ڳالھ به ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ جي پارٽي متان ”اسپلٽ“ ٻه ٽڪر ٿي پئي، ان ڪري هاڻي عمران خان جي اها پنهنجن جي حڪومت ڪيرائڻ واري ڳالھ به پوري نه ٿيندي، ڇو ته عمران خان جي اهڙي اعلان مان اها ڳالھ به چٽي نظر ٿي اچي ته هي پنهنجي راند پاڻ ڊاهڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آ ۽ اهڙيون حرڪتن جي ڪري هن جي پارٽي سڌو سنئون ٻه اڌ ٿيندي (يا ڪندس) جنهن ۾ پارليامينٽرين ۽ هن جا چاهنيدڙ الڳ الڳ ٿي ويندا، ڇو ته هن جي هاڻي ڪير به نه ٿو مڃي ۽ هاڻي هن جي سياسي اثر ۾ گھٽتائي آئي (معني پي ٽي آءِ جو اندروني خلفشار وڌي ويو آ) يا هڪ ٻي حقيقت اها به آهي ته مس مس ۽ الله الله ڪري چودري پرويز الاهي کي ڪرسي ملي آ ڇو ته اپريل (2022) واري سياسي وٺ وٺان ۽ جهيڙن ۾ ويچاري پنهنجون ڄنگهون ٻانهون ڀڃرايون هيون ۽ ڪورٽن جي ارھ زورائي، زورن ۽ ضدن بحثن کانپوءِ هن جي وڃي پِيرَ پُڄائي اهو هاڻي اها ڪرسي ڪٿي ٿو ڇڏي ان ڪري ته جيتري ڪرسي جيتري عمران خان کي پياري آ اوتري وري چودري پرويز الاهي کي به پياري آ ان ڪري هن عمران خان جي اهڙي اعلان کي ڦوڪ ئي سمجهو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں